رياض (ويب ڊيسڪ) مسجد الحرام ۽ مسجد نبوي صه ۾ اڱاري تي لکين مسلمانن رمضان جي پهرين تراويح نماز باجماعت ادا ڪئي.
مقامي شهري، اتي رهندڙ پرڏيهي ۽ سڄي دنيا مان آيل زائرين عشاء ۽ تراويح جي ادائيگي لاءِ اڳ ئي مسجد الحرام پهچي چڪا هئا.
حرمين شريفين جنرل اٿارٽي رمضان مهيني لاءِ گڏيل آپريشنل پلان تيار ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن جو مقصد خدمتن جي معيار ۽ آپريشنل ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ، گڏوگڏ حرمين شريفين ۾ سيفٽي ۽ ريلائبيلٽي جي اعليٰ ترين معيارن کي يقيني بڻائڻ آهي.
مسجد الحرام ۾ 5 ٻولين ۾ ڊجيٽل آگاهي اسڪرينز فعال ڪيون ويون آهن.
گرائونڊ يونٽس مختلف هنڌن تي مقرر ڪيا ويا آهن، جن وٽ تڪڙي ترجمو ڪندڙ ڊوائسز موجود آهن ته جيئن زائرين جي ڳالهه سمجهي کين درست رهنمائي ۽ مدد فراهم ڪري سگهجي.
You might also like