ممبئي (ويب ڊيسڪ) بورڊ آف ڪنٽرول فار ڪرڪيٽ اِن انڊيا (بي سي سي آءِ) آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ دوران پنهنجي رانديگرن کي گهرڀاتين سان گڏ رهڻ جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، ڀارتي ٽيم مئنيجمينٽ رانديگرن جي درخواست تي فيمليز کي ساڻ رکڻ واري معاملي تي ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ سان رابطو ڪيو هو، پر بورڊ پنهنجي پاليسي تي قائم رهندي واضح جواب ڏنو ته ايونٽ دوران اسڪواڊ جا ميمبر فيمليز سان گڏ نٿا رهي سگهن.
بي سي سي آءِ ٽيم مئنيجمينٽ کي ٻڌايو ته رانديگرن سان سندن گهرڀاتي گڏ نٿا رهي سگهن، جيڪڏهن ڪو رانديگر چاهي ته هو فيمليز لاءِ الڳ انتظام پاڻ ڪري سگهي ٿو.
ياد رهي ته ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ 2025ع ۾ آسٽريليا جي دوري کان پوءِ فيمليز بابت گائيڊ لائينز جاري ڪيون هيون.