سهيل آفريدي جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) رياستي ادارن خلاف گمراهه ڪندڙ مواد پکيڙڻ جي ڪيس ۾ عدالت خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي خلاف سخت قدم کڻندي ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.
اسلام آباد جي سينيئر سول جج عباس شاهه ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي پر جوابدار جي عدم حاضري سبب عدالت سهيل آفريدي کي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
عدالت طرفان ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 21 فيبروري تي مقرر ڪئي وئي آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب اين سي سي آءِ اي سهيل آفريدي خلاف پيڪا ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو آهي.
سهيل آفريدي تي رياستي ادارن جي ساک کي نقصان پهچائڻ ۽ گمراهه ڪندڙ الزام لاڳو ڪرڻ جو الزام آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.