لاهور(عوامي آواز نيوز)قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ،تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان ۽ پشتونخواه ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي چيو آهي ته اسان جون ايجنسيون بدقسمتي سان اڳواڻ ٺاهڻ ۾ لڳل آهن. ليڊر ايجاد نٿا ڪري سگهجن،لاهور ۾ عاصمه جهانگير ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته خدا کي مڃو يار! ليڊر ماڻهن مان نڪرندا آهن. اوهان کي ان جي شڪل پسند هجي يا نه هجي، ان جو رنگ پسند هجي يا نه، ان جو لباس، لنگي يا پڳ پسند هجي يا نه هجي ،جن ماڻهن کي ووٽ ڏنو ويندو آهي، اهي ئي ليڊر بڻجن ٿا،هن چيو ته هتي تجربا ڪيا پيا وڃن. منهنجي گذارش آهي ته جيئن دنيا جون فوجون پنهنجي حد ۾ رهي ڪم ڪن ٿيون، اوهان به اهڙي طرح ڪم ڪريو. جيئن دنيا جون ايجنسيون پنهنجو ڪردار ادا ڪن ٿيون، آءِ ايس آءِ، ايم آءِ به اهڙي طرح ڪم ڪن. چونڊن بابت علائقن ۾ ماڻهن سٺي نموني پنهنجن جذبن جو اظهار ڪيو، مان کين مبارڪباد ڏيان ٿو.هاڻي ڪٿان شروع ڪريان؟ موضوع ڏکيو به آهي ۽ وقت به گهٽ آهي. پاڪستان جو وڏو مسئلو هي آهي ته هتي پڙهيل لکيل ماڻهو ويٺل آهن، جيڪي پوءِ ان جو تجزيو ڪندا. پاڪستان جو مسئلو هي آهي ته ننڍي کنڊ جي سياست دوران ڪنهن به مسلمان پارٽي هندستان جي ورهاست جو مطالبو نه ڪيو هو. ڇو ته هندستان اسان کان آهستي آهستي ڦري رهيو هو، تنهنڪري ماڻهو گڏ ٿي جدوجهد ڪري رهيا هئا. محمد علي جناح آخر وقت تائين ڪوششون ڪندو رهيو. هو سمجهوتن لاءِ تيار هو. ڪئبنٽ مشن، ڪرپس مشن ۾ جناح صاحب هندستان کي ٽن گروپن ۾ متحد رکڻ تي به راضي ٿي ويو هو.پوءِ مولانا ابوالڪلام آزاد شايد اهو سمجهي ويٺو ته سندس مشن مڪمل ٿي ويو آهي، هن ڪانگريس جي صدارت تان استعيفيٰ ڏني ۽ نهرو ڪانگريس جو صدر بڻيو. پهرين ڪانفرنس ۾ اهڙيون ڳالهيون ٿيون جن جناح کي ناراض ڪيو ۽ ڪرپس مشن ناڪام ٿي ويو.1940ع واري قرارداد جناح پاڻ لکي. ان ۾ چيو ويو ته مسلمانن کي بچائڻ لاءِ خودمختيار رياستون هجن، ۽ جيڪڏهن ڪا رياست ناانصافي ڪري ته ان کي يونين کان الڳ ٿيڻ جو حق هجي،هن چيو ته پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ان کي سياسي ماڻهن هلائڻو هو، پر بدقسمتي سان جناح جي ساٿين کيس چيو ته جيڪي پارٽيون اوهان جي مخالفت ڪنديون آهن، انهن کي سياست کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. نتيجي ۾ خان عبدالغفار خان، بلوچ ليڊر، خدائي خدمتگار، احرار، جماعت اسلامي، جمعيت علماء اسلام سڀني کي ڌڪيو ويو.پوءِ ڇا ٿيو؟ غفار خان جي مقابلي ۾ زميندار آندا ويا، بلوچ ليڊرن جي مقابلي ۾ سردار آندا ويا. جيڪو گهريو، ان کي ڏنو ويو. اهڙي طرح سماج ۾ ڪرپشن داخل ڪئي وئي. اڄ اسان جي نفسيات اها ٿي وئي آهي ته ايندڙ کي ڀليڪار، ويندڙ کي گاريون،هن چيو ته 11آگسٽ 1947ع جي محمد علي جناح جي تقرير تي ڪو ڌيان نٿو ڏئي. اها هڪ عظيم تقرير هئي. جناح چيو ته پاڪستان ۾ هر ماڻهو آزاد هوندو ـ هندو مندر ۾، سک گردواري ۾، مسلمان مسجد ۾، هن چيو ته رياست کي اقربا پروري، رشوت ۽ ناانصافي کان بچايو وڃي.پر وچ ۾ ماڻهو آيا ۽ پاڪستان جو مطلب “لا اله الا الله” کي غلط معنيٰ ڏني وئي. حيرت جي ڳالهه آهي ته جناح صاحب کي ئي ڪافر قرار ڏنو ويو،هن چيو ته 14آگسٽ کان پوءِ چيو ويو ته هاڻي نه تون بلوچ آهين، نه پنجابي، نه سنڌي، نه بنگالي، فقط پاڪستاني آهين. پر اهو ڪيئن ممڪن هو؟ بنگالي ٻوليءَ تي گوليون هليون، ۽ اهي ئي گوليون پاڪستان جي ٽٽڻ جو سبب بڻيون.اڄ سڄي دنيا ٻولين جو عالمي ڏينهن ملهائي ٿي،هن چيو ته سوال هي آهي ته پاڪستان فوج لاءِ آهي يا فوج پاڪستان لاءِ؟ جيڪڏهن پاڪستان فوج لاءِ آهي ته پوءِ اسان پنهنجو سامان ٻڌي هليا وڃون. ۽ جيڪڏهن فوج پاڪستان لاءِ آهي، ته اسان ايترا بيوقوف ناهيون جو فوج کان انڪار ڪريون،هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته پاڪستان جون ايجنسيون دنيا جي بهترين ايجنسين وانگر قابل ۽ پيشي ور هجن. پر مهرباني ڪري، ليڊر ٺاهڻ ڇڏي ڏيو. سائنسدان بلوچ، سنڌي، پنجابي نوان ايجادون ڪري سگهن ٿا، پر ليڊر عوام مان نڪرندا آهن،هن چيو ته بدقسمتي سان هتي ليڊر چونڊي پوءِ کين ڪرپٽ ڪيو وڃي ٿو، پيسا ڏنا وڃن ٿا، بليڪ ميل ڪيو وڃي ٿو، پوءِ وزيراعظم بڻايو وڃي ٿو. پوءِ اهو غريب ماڻهو عالمي اڳواڻن آڏو بي وس ٿي وڃي ٿوهن چيو ته .پاڪستان 25 ڪروڙ ماڻهن جو ملڪ آهي. اسان ايترا نڪما ناهيون جو ملڪ هلائڻ لاءِ اهل ماڻهو نه هجن. مهرباني ڪري، سياستدانن کي ايجنسين ۽ فوج کان هدايتون وٺڻ بند ڪرڻ ڏيو. پاڪستان پاڻ بچي ويندو،هن چيو ته خدا جي واسطي، جيئن دنيا جون فوجون ۽ ايجنسيون پنهنجي حد ۾ رهي ڪم ڪن ٿيون، اوهان به ائين ڪريو. پاڪستان ڏهه سالن ۾ بهترين ملڪ بڻجي سگهي ٿو. اسان اوهان جا دشمن ناهيون.
بلوچستان سڙي رک ٿي ويو،آئين ٽوڙيندڙن کي اڄ تائين سزا ناهي ملي ملي: اختر مينگل
لاهور(عوامي آواز نيوز)بلوچستان نيشنل پارٽي (مينگل) جي سربراهه سردار اختر مينگل چيو آهي ته بلوچستان جو مسئلو سياسي هو، پر رياست ان کي طاقت، بندوق، ڏنڊن ۽ جبري گمشدگين وسيلي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن سبب اڄ بلوچستان صرف ٻرندڙ نه، پر ٻري رک بڻجي چڪو آهي،لاهور ۾ عاصمه جهانگير ڪانفرنس ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته هو فائونڊيشن ۽ منتظمين جو ٿورائتو آهي، پر سوال اهو آهي ته اسان جي ڳالهه ٻڌندو ڪير؟ اڄ تائين نه اسان جي ڳالهه ٻڌي وئي آهي، نه ئي ڪو حل نظر اچي ٿو۔هن چيو ته “Will” جا ڪيترائي مطلب ٿين ٿا ـ خواهش، ارادو، يا وصيت ـ ۽ بلوچستان هاڻي وصيت واري حد تائين پهچي چڪو آهي،هن چيو ته بلوچستان ٻري نه رهيو آهي، بلوچستان ٻري راک بڻجي چڪو آهي،اتي رڳو گهر يا ڳوٺ ناهن سڙيا اتي زنده لاش ساڙيا ويا آهن،اسان پنهنجي علائقن ۾ به قيد آهيون،هن چيو ته اڄ حالت اها آهي جو هو ۽ ڊاڪٽر مالڪ جهڙا اڳواڻ پنهنجن علائقن تائين محدود ٿي ويا آهن، نه ٻاهريان ماڻهو محفوظ آهن ۽ نه ئي مقامي سياستدان هڪ علائقي کان ٻئي علائقي ۾ وڃي سگهن ٿا، جڏهن ته اتي انهن جا ابن ڏاڏا دفن آهن،اختر مينگل چيو ته بلوچستان جي تاريخ جي بنياد ئي ٽيڙي رکِي وئي،محمد علي جناح ۽ خان آف قلات وچ ۾ 27 مارچ 1948 تي معاهدو ٿيو،پاڪستان جي قيام (14 يا 15 آگسٽ 1947) ۽ ان معاهدي جي وچ ۾ ست مهينا بلوچستان هڪ آزاد رياست رهيو. ان معاهدي ۾ بلوچستان کي خودمختيار رياست تسليم ڪيو ويو، رڳو دفاع، پرڏيهي معاملا ۽ مواصلات وفاق وٽ هئاپر انهن معاهدن جو احترام نه ڪيو ويو، جناح جي وفات کان پوءِ اهي معاهدا “ڪنهن قبرستان ۾ دفن ڪيا ويا،هن چيو ته نواب نوروز خان سان قرآن جو واسطو ڏئي دوکو ڪيو ويو،سندس پٽن ۽ مائٽن کي ڦاهيون ڏنيون ويون،نواب اڪبر بگٽي کي شهيد ڪيو ويو،هن چيو ته 1970 جي چونڊن کان پوءِ جڏهن بلوچستان ۾ نيشنل عوامي پارٽي حڪومت ٺاهي، ته ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ 9 مهينن اندر اها حڪومت ختم ڪئي وئي۔ مصنوعي قيادت مڙهي وئي،اختر مينگل الزام هنيو ته ڪارخانن ۽ پولٽري فارمز مان مصنوعي قيادت پيدا ڪري بلوچستان تي مسلط ڪئي وئي، جنهن جا نتيجا اڄ تائين ڀوڳي رهيا آهيون،اظهار راءِ به ڏوهه بڻجي ويو،هن چيو ته ڊاڪٽر ماه رنگ، سمي دين ۽ ٻين عورتن کي گرفتار ڪيو ويو، ايم پي اوز لڳايا ويا، پوءِ دهشتگردي جا ڪيس وڌا ويا،ايمان مزاري ڪيس جو حوالو ڏيندي هن چوڻ هو ته هڪ ٽوئيٽ تي 17 سال قيد،پر ملڪ ٽوڙيندڙن کي هڪ ڏينهن جي سزا به ناهي۔”جن کي دهشتگرد چوندا آهيو، عوام انهن کي مسيحا سمجهي ٿو”اختر مينگل چيو ته 31جنوري تي سوشل ميڊيا تي ڏٺو ويو ته جن کي توهان دهشتگرد چوندا آهيو، عوام انهن کي ڳلي لڳائي رهيو آهي، سيلفيون ڪڍي رهيو آهي، ڇو؟”هن چيو ته جتي سيڪيورٽي فورسز وڃن ٿيون، ماڻهو گهرن ۾ لڪي وڃن ٿا، ٻار ۽ بزرگ دعائون ڪن ٿا، جڏهن ته اهي هٿياربند اچن ٿا ته عورتون پڪل کاڌو کڻي ٻاهر نڪرن ٿيون،ماڻهو انهن کي پنهنجو مسيحا سمجهن ٿا جن ماڻهن کي اوهان دهشتگرد چوندا آهيو، 31 جنوري تي عوام انهن کي ڳلي لڳايو ۽ سيلفيون ڪڍيون۔ان تي اهلِ پنجاب کي به سوچڻ گهرجي، ڇو ته بلوچستان جا ماڻهو ڪنهن وزير سان سيلفيون ناهن ڪڍندا، پر انهن سان ڪڍن ٿا،سندس چوڻ هو ته بلوچستان جا ماڻهو انهن ماڻهن کي ويلڪم ڪن ٿا ۽ پنهنجي مسئلن جو حل سمجهن ٿا، پر رياست نفرت جون اهڙيون ڀتيون اڏي ڇڏيون آهن، جيڪي ڪڏهن به نه ٽٽنديون۔ ،بلوچستان هاڻي پوائنٽ آف نو ريٽرن تي آهي،هن چيو ته مان سپريم ڪورٽ ويو، پارليامينٽ ۾ ڳالهايو، سيمينار ڪيا،پر هر هنڌ مايوسي ملي۔اختر مينگل چيو ته هو پنجاب ۽ رياست کان رڳو هڪ اپيل ڪري ٿو ته 1970ع ۾ جيڪو نعرو لڳايو هو ـ ‘ادھر هم، ادھر تم’ ـاهو هاڻي به استعمال ڪري سگهو ٿا،جيئن وڌيڪ رتوڇاڻ روڪي سگهجي،هن چيو ته گڏ رهي هڪ ٻئي کي چيڀاٽڻ بدران، سٺن پاڙيسرين وانگر رهڻ بهتر آهي،بلوچستان جي مسئلي جي حل لاءِ هاڻي منهنجي وٽ ڪا به تجويز ناهي۔
پي ٽي آءِ کي آءِ ايس آءِ جنم ڏنو: پرويز رشيد
لاهور(عوامي آواز نيوز)ن ليگ اڳواڻ پرويز رشيد چيو آهي ته توهان(پي ٽي آءِ )ٽين سياسي قوت نه هئا،مون کي آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه جنرل(ر)ظهير الاسلام ٻڌايو آهي ۽ هن جو هڪ ڪلپ يوٽيوب تي موجود آهي،لاهور ۾ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته ان يوٽيوب ڪلپ ذريعي اسان وٽ اها ڳالهه پهتي آهي،هو پنهنجي گهر ۾ تقرير ڪري رهيو هو،اليڪشن ۾ پي ٽي آءِ لاءِ ووٽ گهرڻ جي تقريب ڪوٺايل هئي،هن چيو ته جنرل ظهيرالاسلامتقرير ڪري رهيو هو ته پاڪستان ۾ هڪ ٽين سياسي قوت هئڻ گهرجي،توهان(پي ٽي آءِ)پاڻ ٽين قوت نه هئا،اها آءِ ايس آءِ هئي،جنهن توهان کي جنم ڏنو،توهان جنرل ظهيرالاسلام جي ڪُک مان پيدا ٿيا آهيو،جنهن جي سوچ سان توهان پيدا ٿيا
ڪجهه وڪيلن 2007ع واري تحريڪ کانپوءِ ناجائز فائدا ورتا: احسن ڀون
لاهور(بيورو)پاڪستان بار ڪائونسل جي ميمبر احسن ڀون چيو آهي ته ڪجهه وڪيلن 2007 واري تحريڪ ڪامياب ٿيڻ بعد ان جو ناجائز فائدو ورتو.لاهور ۾ عاصمه جهانگير ڪانفرنس دوران خيالن جو اظهار ڪندي احسن ڀون چيو ته سياسي جماعتون وڪيلن سان گڏ تحريڪون هلائين ٿيون، پر نتيجا حاصل ڪرڻ بعد بارز کي انهن جي حال تي ڇڏي ڏين ٿيون،هن چيو ته اسان کي اهو ياد رکڻ گهرجي ته بار ڪا سياسي جماعت ناهي، اسان جي پنهنجي سڃاڻپ ۽ حيثيت آهي۔احسن ڀون جو چوڻ هو ته ڪجهه وڪيل بار جي اصل مقصدن کي پوئتي ڇڏي ڏين ٿا۔ هن چيو ته اڄ 26هين آئيني ترميم تي تنقيد ٿي رهي آهي، جڏهن ته ان وقت سڀني سياسي جماعتن ان تي اتفاق ڪيو هو،هن وڌيڪ چيو ته اسان کي اها سپريم ڪورٽ نٿي گهرجي جيڪا نظريه ضرورت تحت فيصلا ڪري،اسان کي اها عدالت گهرجي جيڪا آئين مطابق فيصلا ڪري۔
ڪاشف عباسي هڪ سال کان آف ايئر ڇو آهي؟
لاهور(عوامي آواز نيوز) سينيئر صحافي حامد مير ۽ عرفا نور عاصمه جهانگير ڪانفرنس ۾ خطاب ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ صحافت تي لڳاتار پابنديون لاڳو ڪيون وڃن ٿيون، ۽ اهو سوال انهن جي حق ۾ ناهي ته ڪنهن صحافي کي “آف ايئر” ڪيو وڃي يا نه، حامد مير چيو ته مان ۽ منهنجا ساٿي، وزيراعظم شباز شريف کان هڪ سوال رکڻ چاهين ٿا پاڪستان جو هڪ تمام سينيئرصحافي، ڪاشف عباسي، هڪ سال کان آف ايئر آهي، ان تي پيڪا ايڪٽ يا پي اي ايم آر اي جو ڪو به چارج شيٽ نه لڳايو ويو. اهو آف ايئر آهي جيئن خودڪش ڌماڪي جي خبر کي روڪڻ لاءِ چيو ويو هو، پر اسان وٽ ڪو ثبوت ناهي ته ڪنهن چيو ته خبر نه هلائي وڃي، هن چيو ته جيڪڏهن واقعي ڪنهن صحافي تي الزام آهي ته هن رياست جي مفاد جي خلاف ڪم ڪيو، ته پوءِ پيڪا ايڪٽ تحت ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ عدالت ۾ کيس پنهنجو دفاع جو موقعو ڏنو وڃي،هن چيو ته صحافي کي رياست يا حڪومت فيصلو نه ٿي ڪري سگهي ته ڪير صحافي آهي يا نه۔ صحافي پنهنجي ڪم جي بنياد تي پرکيو وڃي، ۽ عوام فيصلو ڪندي ته ڪنهن کي ڏسڻو آهي يا نه،هن چيو ته پيڪا ايڪٽ جو غلط استعمال ڪيو پيو وڃي، جيئن ايمان مزاري کي 17 سال قيد ڏني وئي حامد مير تجويز ڏني ته پريس ڪلبن ۾ خاص ڪميٽيون ٺاهيون وڃن،جيڪي صحافي قانون جي حدن ۾ ڪم ڪن، انهن کي تحفظ ڏنو وڃي، هن چيو ته صحافت تي پابنديون نه صرف فرد تي اثرانداز ٿين ٿيون، پر ملڪ جي جمهوريت ۽ آزاد صحافت لاءِ به خطرو آهن۔
بلوچستان جي بحرانن کي هڪ ئي طريقي سان حل ڪرڻ جي ڪوشش غلطي آهي: راڻا ثناءُالله
لاهور (بيورو) وزيراعظم جي صلاحڪار سينيٽر راڻا ثناءُالله چيو آهي ته ماضي ۾ جيڪو ٿي چڪو آهي ان کي تبديل نٿو ڪري سگهجي، جيستائين اها نشاندهي نه ٿيندي ته بلوچستان جو بحران آهي ڇا، مسئلي جي حل جو پتو نه پوندو. لاهور ۾ عاصما جهانگير ڪانفرنس کي خطاب ڪندي راڻا ثناءُالله چيو ته هن چيو ته فيصل آباد ۾ بلوچستان جا ماڻهو اربين رپين جو ڪاروبار ڪن ٿا، ڪو هڪ مثال ڏيو ته ڪنهن پنجاب ۾ ڪنهن بلوچ کي گهٽ وڌ چيو هجي. هن چيو ته بيگناهه ماڻهن کي شهيد ڪندڙن جو انسانيت سان واسطو ناهي، ڇا جعفر ايڪسپريس واقعي جي ڏينهن ڀارتي ميڊيا تي جشن نه هو؟ امن لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، بلوچستان جو امن ۽ ترقي ترجيح آهي. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن اسان بلوچستان جي بحران جي ڳالهه ڪنداسين، ته هڪ بحران اهو آهي جنهنجي مينگل صاحب ۽ ڊاڪٽر مالڪ صاحب نمائندگي ڪري رهيا آهن، ۽ ٻيو بحران اهو آهي جنهن جي بشير زيب ۽ انهن جا ساٿي نمائندگي ڪري رهيا آهن. منهنجي راءِ ۾، انهن ٻنهي بحرانن جي حل لاءِ مختلف طريقا ۽ مطالبا آهن، جن کي اسان هڪ ٻئي ۾ ملائي رهيا آهيون. بشير زيب جو بحران اهو آهي جو ماڻهن کي بس مان لاهي انهن جي سڃاڻپ ڪئي ويندي آهي، ۽ انهن جي خاندانن جي سامهون انهن کي شهيد ڪيو ويندو آهي. ٻي طرف، اختر مينگل ۽ ڊاڪٽر مالڪ جو بحران وڌيڪ سياسي نوعيت جو آهي. راڻا ثناءُالله چيو ته اسان جي غلطين مان هڪ اها آهي جو اسان انهن ٻنهي بحرانن کي هڪ ئي سمجهي رهيا آهيون. توهان ڪڏهن به اهو ناهي ٻڌو هوندو ته ڪنهن چيو هجي، بلوچستان وارن، اسان جي ماڻهن کي ماري ڇڏيو آهي. هميشه چيو ويو آهي ته اهي دهشتگرد آهن، پاڪستان جا دشمن آهن، ۽ دشمن ملڪن سان ملي ڪري پاڪستان کي ڪمزور ڪري رهيا آهن. ڪڏهن به ڪنهن بلوچستان جي ماڻهن تي الزام ناهي لڳايو ويو. اها هڪ حقيقت آهي ته ان صورتحال جو ذميوار دشمن ملڪ پڻ آهن. هن چيو ته هاڻي، ڳالهه اها آهي ته جيڪڏهن انهن ٻنهي بحرانن کي الڳ الڳ حل ڪيو وڃي، ته اهو بهتر ٿيندو. بشير زيب ۽ انهن جي ساٿين جيڪي قدم کنيا آهن، اهي ڪنهن به صورت ۾ جائز نٿا قرار ڏئي سگهجن. انهن جو ڪم عوام کي نقصان پهچائڻ آهي، ۽ اهي ڪنهن به صورت ۾ آجا نٿا ٿي سگهن. آجا اهي هوندا آهن جيڪي ماڻهن جي مدد ڪن ٿا. جيڪڏهن اسان بلوچستان ۾ دهشتگردي بابت ڳالهايون، ته اها حقيقت آهي ته انهن ڪاررواين ۾ ڀارت جو هٿ آهي. انهن دهشتگردن جو مقصد پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ آهي، ۽ انهن کي ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب ٿيڻ نٿو ڏنو وڃي. رياست جي ذميواري آهي ته اهي دهشتگردن کي ختم ڪري، جيئن پاڪستان جي بقا محفوظ رهي. ٻئي طرف، جيڪو سياسي بحران آهي، ان ۾ اها ڳالهه ضروري آهي ته بلوچستان جي ماڻهن جي حقن کي تسليم ڪيو وڃي، ۽ ان لاءِ عملي قدم کنيا وڃن. اهو ضروري آهي ته بلوچستان ۾ چونڊن جو عمل آزاد ۽ شفاف انداز ۾ ٿئي، ۽ جيڪي جماعتون ڪامياب ٿين، انهن کي اقتدار ۾ آندو وڃي، جيئن بلوچستان جا مسئلا حل ٿي سگهن.ڌ بلوچستان جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ سياسي ارادي جي ضرورت آهي. پر اسان کي اهو تسليم ڪرڻ گهرجي ته جيڪڏهن رياست هڪ ڀيرو فيصلو ڪري ٿي، ته ان بحران کي حل ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري سگهجي ٿي.
ڪانفرنس ۾ راڻا ثناءُ الله جي تقرير دوران عورت وڪيل جي مداخلت
لاهور(اجمل جامي)لاهور ۾ جاري عاصمه جهانگير ڪانفرنس ۾ وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار ۽ سينيٽر راڻا ثناءُ الله کي خطاب دوران شٽ اپ ڪال ملي وئي،اطلاع آهن ته بلوچستان جي معاملن تي تقرير دوران راڻا ثناءُ الله کي هڪ عورت وڪيل ٻه ڀيرا شٽ اپ چيو،ان کانپوءِ راڻا ثناءُ الله جي خطاب خلاف ڪجهه ماڻهن سيشن جو واڪ آئوٽ به ڪيو،راڻا ثناءُ الله ان عورت کي جواب ڏنو ته اهو ئي رويو آهي جنهن جي ڪري توهان وائکا ٿي وڃو ٿا،توهان ٻئي جي ڳالهه نٿا ٻڌو،توهان پنهنجي ڳالهه ٻڌائڻ جو ضد ڪريو ٿا،ڊان نيوز جي صحافي عورت عارفه نور به ٽوئيٽ ڪيو ته ماڻهن راڻا ثناءُ الله خلاف واڪ آئوٽ ڪيو،راڻا ثناءُ الله چيو ته بلوچستان ۾ جڏهن ماڻهن کي شناختي ڪارڊ ڏسي ماريو وڃي ٿو ته پنجاب ۽ سنڌ وارا ائين ته نٿا چون ته بلوچستان وارن جو ٻيڙو ٻڏي وڃي،ٻين صوبن جي باري ۾ اتي جيڪي دهشتگرد نعرو لڳائن ٿا اهي اهل پنجاب ۽ اهل سنڌ نٿا لڳائن،اها ڳالهه ڪرڻ مهل اختر جان مينگل به موجود هو،هال ۾ ان ڳالهه تي تاڙيون وڄيون