ايم ڪيو ايم سدائين بليڪ ملينگ جي سياست ڪئي آهي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ ايم ڪيو ايم قيادت کي چيلينج ڏئي ڇڏيو.
صحافين سان ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته ايم ڪيو ايم ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ جي مطالبي تي جيڪڏهن واقعي سنجيده آهي ته مرڪزي حڪومت کي الٽيميٽم ڏئي ۽ وزارتون ڇڏي پر هو ائين نه ڪندا.
هن چيو ته ايم ڪيو ايم سدائين بليڪ ميلنگ جي سياست ڪئي آهي، پ پ جي دور ۾ هنن پيٽرول هڪ رپيو وڌڻ تي استعيفيٰ ڏني ۽ هاڻ پيٽرول 100 رپيا وڌڻ باوجود ڪو سوال نٿا ڪن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.