افغان ڪپتان راشد خان کي ” بارڊر ٽو“ بابت ڪيل پوسٽ ڳچي ۾ پئجي وئي

دبئي (ويب ڊيسڪ) افغانستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان راشد خان جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ هو روڊ ڪناري بيهي مڪئي جا سنگ پچائيندي نظر اچي رهيو آهي.
راشد خان پنهنجي اها وڊيو انسٽاگرام اڪائونٽ تي شيئر ڪئي آهي، جنهن کي هن وقت تائين 24 لک (2.4 ملين) لائيڪس ملي چڪا آهن.
وڊيو ۾ افغان ڪپتان مڪئي جا سنگ پچائيندي نظر اچي ٿو، جڏهن ته وڊيو جو ڪيپشن ڌيان جو مرڪز بڻيل آهي.
راشد خان وڊيو جي ڪيپشن ۾ لکيو آهي ته ”بارڊر ٽو ته ضرور ڏسندس، پر ڏسون ٿا ڇا ٿئي ٿو جيڪڏهن مان هي پوسٽ ڪريان.“
وڊيو ۾ ڀارتي فلم جي گيت ” سنديسي آتي هين “ جو آڊيو به لڳايو ويو آهي.
راشد خان جي پاڪستان مخالف ڀارتي فلم” بارڊر 2“ ڏسڻ جي اعلان کانپوءِ جتي ڀارتي واهپيدار سندس واکاڻ ڪري رهيا آهن، اتي پاڪستاني سوشل ميڊيا صارفين به مٿس طنز ۽ ٺٺول ڪرڻ کانسواءِ رهي نه سگهيا.
هڪ واهپيدار مزاحيه انداز ۾ لکيو ته ” ”لڳي ٿو ڪرڪيٽ ڇڏي هاڻي سنگ وڪڻڻ لڳوآهين.“

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.