”پي ٽي آءِ 8 فيبروري تي ماڻهو نه ڪڍي سگهي ته 6 مهينا پوئتي هلي ويندي“

پشاور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي باغي اڳواڻ شير افضل مروت چيو آهي ته حڪومت ۽ ماڻهن جون 8 فيبروري تي احتجاج تي نظرون آهن، جيڪڏهن پي ٽي آءِ وڏي انگ ۾ ماڻهو ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿي ته ڳالهين جو مستقبل روشن هوندو ۽ جيڪڏهن احتجاج ناڪام ٿيو ته پي ٽي آءِ 6 مهينا پوئتي هلي ويندي.
صحافين سان ڳالهائيندي شير افضل مروت چيو ته تحريڪ انصاف ۽ حڪومت وچ ۾ ڳالهين جي ضرورت ناهي، ضرورت ان وقت هوندي، جڏهن پي ٽي آءِ مان احتجاجي سياست جو خدشو هجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.