ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي مسلمان اداڪارا حنا خان ايران ۾ موجوده صورتحال تي خاموشي ٽوڙيندي عورتن جي نالي اهم پيغام جاري ڪيو آهي.
حنا خان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي لکيو ته”ڪيئي ڏهاڪن کان لڳاتار بيحرمتي، ڏاڍ، جبر تحت بيرحماڻي زندگي ۽ عورتن لاءِ برابري وارن حق کان محروم ايران هڪ ڀيرو ٻيهر اُٿيو آهي.“
هن چيو ته ”هن ڀيري انهن (ايراني عورتن) کي اسان جي پهريان کان وڌيڪ ضرورت آهي، ڀلي ان ۾ اولهه جو ڪو ڪردار هجي يا نه هجي، اهو نه موضوع آهي ۽ نه اصل ڪارڻ آهي.“
اداڪارا پنهنجي پوسٽ ۾ ايراني عوام کي سلام پيش ڪندي لکيو ته ”مان ايراني قوم جي حوصلي بابت سوچي به نٿي سگهان، هي بهادري، همت ۽ حقيقي انقلاب آهي، ايراني عوام کي ڀيٽا پيش ڪيان ٿي.“
هن وڌيڪ چيو ته ايراني قوم ڀلي ڀت ڄاڻي ٿي ته هي صورتحال نسل ڪشي جو سبب بڻجي سگهي ٿي، پر جنهن جرئت ۽ اتساهه جو هو مظاهرو ڪري رهيا آهن، خاص ڪري عورتون، اهو واقعي ساراهڻ جوڳو عمل آهي.
واضح رهي ته ايران ۾ مهانگائي خلاف شروع ٿيندڙ احتجاج پرتشدد مظاهرن ۾ تبديل ٿي چڪو آهي، جتي مختلف رپورٽن موجب هينئر تائين 500 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي چڪا آهن ۽ ان دوران سياسي تبديلي جو مطالبو زور پڪڙي رهيو آهي. ان سان گڏ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ شهرين تي ڪريڪ ڊائون جي صورت ۾ ايران مٿان حملي جو چتاءُ پڻ ڏئي چڪو آهي.
Prev Post
You might also like