اسلام آباد ۾ شادي جي گهر ۾ سلينڊر ڌماڪو، گهوٽ ڪنوار سميت 8 ڄڻا فوت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي سيڪٽر جي سيون ٽو آبپارا ۾ شادي واري گهر ۾ سلينڊر ڌماڪي ۾ گهوٽ ۽ ڪنوار سميت 8 ڄڻا فوت ۽ 7 زخمي ٿي پيا.
پوليس موجب رات 2 وڳي ڄڃ جي گهر پهچڻ کانپوءِ سلينڊر ڌماڪو ٿيو، جنهن سبب عمارت ڪِري پئي ۽ گهوٽ ۽ ڪنوار سميت 6 ڄڻا ٿڏي تي دٻجي فوت ٿي ويا.
پوليس ٻڌايو ته لاشن ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي وڌيڪ ٻه زخمي سورن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويا.
پوليس موجب گهر ۾ شادي جو فنڪشن جاري هو ته سليڊر ڌماڪو ٿيو، ڌماڪو 66 ڪوارٽرز گلي نمبر 23 ۾ ٿيو، جنهن سبب 4 گهر متاثر ٿيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.