اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته ملڪ جا 5 وڏا آهن، انهن وچ ۾ اعتماد وڌائڻ لاءِ رابطو ٿيو ته صورتحال سٺي نموني اڳتي وڌي سگهي ٿي.
نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته جيئن 2025 ۾ سٺيون خبرون آيون، اميد ته 2026 وڌيڪ معاشي استحڪام جو سال هوندو.
هن چيو ته جن سوشل ميڊيا اڪائونٽن تان ادارن خلاف مهم هلائي ويندي آهي، انهن کي بند ڪرڻ گهرجي، پي ٽي آءِ قيادت اهو چئي جان نٿي ڇڏائي سگهي ته انهن اڪائونٽن تي سندس ڪنٽرول ۽ تعلق ناهي، جيڪڏهن انهن اڪائونٽن تان رڳو پروپيگنڊا ئي ڪرڻي آهي ته مخالف سياسي جماعتن ۽ سياستدانن خلاف ڪيو.
سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ جو 8 فيبروري جو سڏ ناڪام ٿيندو، پي ٽي آءِ ڦيٿو جام نه ڪري سگهندي ۽ ان کي وڌيڪ نقصان ٿيندو، انهن ڦيٿو جام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ايڪشن ٿيندو، پوءِ اهي ميارون ڏيندا، پي ٽي آءِ احتجاج جو سڏ واپس وٺي.
راڻا ثناءُ الله چيو ته ملڪ جا 5 وڏا آهن، جن ۾ نواز شريف، شهباز شريف، آصف زرداري، پي ٽي آءِ باني ۽ هڪ ٻي شخصيت شامل آهي، انهن وچ ۾ اعتماد وڌائڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن، جيڪڏهن اهو رابطو ٿيو ته صورتحال سٺي نموني اڳتي وڌي سگهي ٿي.
ملڪ جي 5 وڏن ۾ اعتماد وڌائڻ لاءِ رابطو ٿيو ته صورتحال سٺي نموني اڳتي وڌي سگهي ٿي: راڻا ثناءُ الله
You might also like