غير قانوني معاهدن ۽ ڌڙا بندي بالي ووڊ ڇڏرايو: عليشا چنائي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي گلوڪارا عليشا چنائي بالي ووڊ جي ڪيئي يادگار سپر هٽ گيتن پنهنجي آواز جو جادو جاڳايو آهي، جنهن سبب هن”ميڊونا آف انڊيا“ جو لقب پڻ ماڻيو.
”ميڊ ان انڊيا“ کان وٺي ”ڪجرا ري“ تائين، هر هٽ گاني جي پٺيان عليشا چنائي جي آواز جو دٻدٻو رهيو.
ان باوجود هوءَ هندي سئنما فلمن جي گيتن جي چونڊ ۾ نهايت محتاط رهي آهي.
هڪ تازي انٽرويو ۾ عليشا چنائي چيو ته اهو سندس شعوري فيصلو هو، هڪ قسم جو احتجاج، ڇاڪاڻ ته انڊسٽري ۾ گلوڪارن تي غير قانوني ڪانٽريٽس تي صحيحون ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌايو ويندو هو.
عليشا چنائي کان پڇيو ويو ته هو بالي ووڊ کان ڇو پري رهي؟ جنهن جي جواب ۾ هن جواب ڏنو ته ”’سچ پڇيو ته مون کي بالي ووڊ موسيقيءَ بور ڪري ڇڏيو هو، مان هڪ فنڪار طور ٿڪجي پئي هئس ۽ ڪجهه مختلف ڪرڻ چاهيان پئي، تنهنڪري پري رهيس، ٻيا به ڪارڻ هئا، جيئن هتان جي سياست.“
هن وضاحت ڪندي چيو ته” هتي هڪ فنڪار جا حق، ناانصافي ۽ ڪو به منصفاڻو نظام موجود نه هو، اسان کي رڳو ڪانٽريڪٽس تي صحيحون ڪرڻ تي مجبور ڪيو پئي ويو، جيڪو منهنجي نظر ۾ مڪمل طور غير قانوني هو.“
عليشا چنائي اِهو به چيو ته ” انڪري مون معاهدن تي صحيحون نه ڪيون، شايد انڪري مون کي گهٽ ڪم مليو، جيڪو مون لاءِ سٺو سنئوڻ ثابت ٿيو، ڪجهه ذاتي مسئلن سبب به انڊسٽري کان پري رهڻو پيو.“
ياد رهي ته عليشا چنائي 90 ۽ 2000 جي ڏهاڪي ۾ هندي فلمن جي مشهور گلوڪارا رهي، پر 2013 کانپوءِ هن رڳو 2017ع ۾ رليز ٿيندڙ فلم ”ڊيڊي“ لاءِ هڪ گيت ”زندگي ميري ڊانس ڊانس“ ڳايو، سندس آخري هٽ گانو 2013 ۾ رليز ٿيل فلم ”ڪرِش ٿري“جو ”دل تو هي بتا“ هو.
فلمي گيتن کانسواءِ عليشا چنائي پاپ موسيقي ۾ به وڏو نالو ڪمايو، مشهور البمز ” بيبي ڊول“ ۽ ” بامبي گرل“ذريعي هن اسي واري ڏهاڪي مقبوليت ماڻي ۽ 1997ع ۾ ” ميڊ ان انڊيا“ جي ڪاميابي کيس سڄي ملڪ ۾ مشهور ڪري ڇڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.