غوثپور (رپورٽ: عبدالجبار اوڳاهي) غوثپور جي ڪرمپور ۾ گهريلو تڪرار دوران جوابدار چاچي چاقو هڻي ڀائيٽي کي قتل ڪري ڇڏيو.
نوجوان آصف علي ملڪ کي سندس چاچي پناهه ملڪ چاقو جا وار ڪري زخمي ڪري ڇڏيو، زخمي نوجوان کي سندس وارثن ڪرمپور سرڪاري اسپتال پهچايو، جتان کيس سکر اسپتال ريفر ڪيو ويو پر هو رستي ۾ فوت ٿي ويو.
جوابدار پناهه ملڪ موقعي تان فرار ٿي ويو ۽ اڃا تائين ڪو به ڪيس داخل نه ٿيو آهي.
You might also like