شڪارپور (ويب ڊيسڪ) شڪارپور ۾ چڪ لڳ ڳوٺ بيچانجي ۾ شر ۽ بڊاڻي برادري ۾ هلندڙ تڪرار تان بڊاڻي ڌر جي هٿياربندن گهر تي راڪيٽ لانچر سان حملو ڪري ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ پيءُ ۽ ٻن پٽن سميت 5 ڄڻا مارجي ويا.
پوليس موجب حملي آورن گهر جو گهيرو ڪري راڪيٽ لانچر فائر ڪيا، مارجي ويلن ۾ گهر ڌڻي عبدالخالق شر، سندس ٻه پٽ خالد شر، راجا شر، عبدالستار شر ۽ هڪ مهمان عبدالجبار شر شامل آهن.
پوليس ٻڌايو ته واقعو پراڻي تڪرار تان پيش آيو آهي، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ آپريشن جاري آهي.
You might also like