پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخوا ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ فنڊ گڏ ڪرڻ لاءِ سان پشاور ۾ نمائشي ميچ ڪرائي وئي.
پشاور جي عمران خان ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ پشاور زلمي ليجنڊز اليون کي 6 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي. پشاور زلمي طرفان ڏنل 145 رنسن جي هدف جي جواب ۾ ليجنڊز اليوَن جي ٽيم 138 رنسون ٺاهي سگهي.
بابر اعظم جي قيادت ۾ کيڏندڙ زلمي جي ٽيم پهرين بيٽنگ ڪندي 144 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي. بابر اعظم شاندار 41 رنسن جي اننگز کيڏي، ياسر حميد 35 ۽ عامر برڪي 24 رنسون ٺاهي نمايان رهيا.
ليجنڊز اليوَن طرفان شاهد آفريدي ۽ عبدالرزاق 3،3 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته محمد حفيظ ۽ سعيد اجمل 2،2 شڪار ڪيا.
هدف پٺيان ڊوڙندي ليجنڊز اليون مقرر 15 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 138 رنسون ٺاهي سگهي ۽ ڇهن رنسن تان ميچ هارائي وئي. ڪپتان انضمام الحق 46 ۽ اظهر محمود 34 رنسون ٺاهيون.
پشاور زلمي جي محمد عرفان ۽ بابر اعظم 2،2 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته سلمان خان ۽ ذوالفقار بابر جي حصي ۾ هڪ، هڪ وڪيٽ آئي.
واضح رهي ته پشاور زلمي، ڊائريڪٽوريٽ جنرل آف اسپورٽس خيبر پختونخوا ۽ خيبر پختونخوا حڪومت جي سهڪار سان ٿيل ميچ مان حاصل ٿيندڙ آمدني ٻوڏ متاثرن ۾ ورهائي ويندي، ميچ ۾ شرڪت ڪندڙ رانديگرن ميچ فيس وٺڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيو.
ٻوڏمتاثرن لاءِ چيريٽي ميچ، بابر اعظم جو آل رائونڊ شو، پشاور زلمي جي ليجنڊ اليون کي شڪست
You might also like