اٽلي جي وزيراعظم پنهنجون ايڊٽ ٿيل تصويرون فحش ويب سائيٽ تي شايع ٿيڻ تي ڪاوڙجي پئي

روم (ويب ڊيسڪ) اٽلي جي وزيراعظم جارجيا ميلوني پنهنجون ۽ ملڪ جي ٻين مشهور عورتن جون ايڊٽ ٿيل تصويرون فحش ويب سائيٽ تي شايع ٿيڻ تي ڪاوڙجي پئي.
جارجيا ميلوني سميت اٽلي جي ٻين مشهور عورتن جون ايڊٽ ٿيل جعلي وڊيوز ۽ تصويرون فحش ويب سائيٽس تي شيئر ڪيون ويون ۽ انهن تي جنسي ۽ توهين جوڳا جملا به لکيا ويا هئا.
اهي تصويرون فيڪا نالي پليٽ فارم تي شيئر ڪيون ويون، جنهن تي سخت ردعمل آيو ۽ پوءِ ويب سائيٽ کي بند ڪيو ويو.
ڄاڻايل پليٽ فارم هلائيندڙ انتظاميا دعويٰ ڪئي هئي ته اهي تصويرون ۽ منظر ويب سائيٽ جي لکين واهپيدارن ڀڃڪڙي ڪندي شيئر ڪيا، ان ۾ انتظاميا جو ڪو عمل دخل ناهي.
جارجيا ميلوني ان واقعي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته افسوس جي ڳالهه آهي جو 2025 ۾ به اهڙا ماڻهو موجود آهن، جيڪي عورتن جي عزت کي چٿڻ، انهن لاءِ جنسي ۽ گندا لفظ استعمال ڪرڻ کي معمول ۽ جائز سمجهن ٿا.
هن زور ڏنو ته اهو مسئلو رڳو ”ريوينج پورن“ تائين محدود ناهي رهيو پر هاڻ ڊيٽا ۽ پرائيويسي جي تحفظ جي ضرورت اڳ کان وڌي چڪي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.