ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جڳ مشهور گلوڪارا صنم ماروي ۽ آرٽس ڪائونسل ڪراچي جي صدر احمد شاهه وچ ۾ تڪرار ختم ٿي ويو، ٻنهي رنجشون ختم ڪري ٺاهه ڪري ڇڏيو آهي.
ڪجهه ڏينهن اڳ صنم ماروي احمد شاهه کي 5 ڪروڙ رپيا هرجاڻي جو نوٽيس موڪليو هو ۽ هڪ هفتي اندر معافي جو مطالبو ڪيو هو، ٻي صورت ۾ قانوني ڪارروائي ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني هئي.
نوٽيس ۾ صنم ماروي الزام هنيو هو ته 10 آگسٽ تي سکر ۾ سنڌ حڪومت جي پروگرام دوران احمد شاهه هن سان بدتميزي ڪئي، ڌِڪا ڏنا ۽ اڻوڻندڙ ٻولي استعمال ڪئي.
احمد شاهه الزامن کي رد ڪندي چيو هو ته هن نه ڪا توهين ڪئي ۽ نه ئي ڌمڪيون ڏنيون.
هاڻ ِ ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه ۽ ليکڪ نورالهديٰ شاهه جي ڪوششن سان ٻنهي ۾ ٺاهه ٿي ويو آهي.
احمد شاهه هڪ وڊيو بيان ۾ چيو ته صنم ماروي هن لاءِ ڀيڻ ۽ ڌيءَ جيان آهي، اسٽاف جي رويي سبب غلط فهمي پيدا ٿي، جيڪا هاڻي ختم ٿي وئي آهي.
احمد شاهه جو چوڻ هو ته ٺاهه سان انهن ماڻهن کي تڪليف ٿي آهي، جيڪي ثقافتي سرگرمين جا مخالف آهن.
پنهنجي وڊيو بيان ۾ صنم ماروي چيو ته هوءَ سمورن الزامن تان هٿ کڻي ٿي، اختلاف ختم ٿي ويا آهن ۽ سنڌي روايت موجب ٻنهي هڪٻئي کي معاف ڪري ڇڏيو آهي.
پنهنجي الزامن تان هٿ کڻان ٿي، احمد شاهه کي معاف ڪري ڇڏيم، جهيڙو ختم ٿي ويو آهي: صنم ماروي
You might also like