لنڊن (ويب ڊيسڪ) نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو آهي ته ملڪ تمام سٺو هلي رهيو آهي، ڪنهن 27هين ترميم جي ضرورت ناهي.
لنڊن ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اسحاق ڊار چيو ته اڃا ته اسان 26هين ترميم کي ئي هضم ڪري رهيا آهيون، معيشت ۾ بهتري ۽ استحڪام اچي چڪو آهي، شهباز شريف جي قيادت ۾ بهترين ڪم ٿي رهيو آهي.
هن چيو ته سمنڊ پار پاڪستانين جي مسئلن جي حل لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، ون ونڊو پاسپورٽ پروسيسنگ سسٽم جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي، سمنڊ پار پاڪستانين جي پاسپورٽ جي حوالي سان مسئلا حل ٿيندا.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان امن پسند ملڪ آهي، جيڪڏهن ڪير ميري اک کڻي ڏسندو ته سخت جواب ڏينداسين، پاڙيسري ملڪن سان پرامن لاڳاپا چاهيون ٿا.
You might also like