”ايران هلندڙ سال 20 لک افغانين کي ملڪ نيڪالي ڏيندو“

تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني گهرو وزير اسڪندر مومني چيو آهي ته ايران ۾ هن وقت 60 لک کان وڌيڪ افغان شهري موجود آهن، جن مان پهرئين مرحلي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 20 لک افغانين کي هن هلندڙ جي آخر تائين واپس افغانستان موڪليو ويندو.
گهرو وزير اسڪندر مومني ايران مان افغانين جي ملڪ بدري واري عمل جي نگراني ڪري رهيو آهي.
اسڪندر مومني ملڪ جي اوڀرندي سرحدن جو دوري دوران چيو ته هن سال جي شروعات کان هنيئر تائين اٽڪل 12 لک غير قانوني افغان شهري پنهنجي ملڪ واپس هليا ويا آهن، جن مان 70 سيڪڙو کان وڌيڪ رضاڪاراڻي طور تي واپس ويا.
ان ان ڳالهه تي زور ڏيندي چيو ته هي عمل ”اينٽي اميگريشن“ مهم نه آهي، پر هر ملڪ وٽ پرڏيهي شهرين لاءِ پنهنجا ضابطا هوندا آهن.
ان کان اڳ ايراني گهرو کاتي ۾ پرڏيهي شهرين ۽ لڏپلاڻ وارن معاملن جي مرڪز جي سربراهه نادر يارحمادي جو چوڻ هو ته ايران ۾ موجود 21 لک افغانن وٽ قانوني دستاويز آهن.
گڌيل قومن جي پناهگيرن واري اداري جو چوڻ آهي ته ايران مان ملڪ نيڪالي ڏنل70 سيڪڙو افغان زبردستي واپس موڪليا ويا آهن.
اسڪندر مومني چيو ته اِها واپسي قانوني طريقيڪار تحت ۽ انساني وقار کي نظر ۾ رکندي ڪئي ويندي، جنهن لاءِ قومي لڏپلاڻ اداري طرفان جاچ پڻ ڪئي ويندي.
ياد رهي ته ايران گذريل سال مارچ ۾ ”غير قانوني“ افغانين جي واپسي لاءِ ڊيڊ لائين جو اعلان ڪيو هو، پر 12 ڏينهن واري ايران-اسرائيل جنگ کانپوءِ ان عمل ۾ تيزي آئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.