عالمي ٽياڪڙي عدالت کي پاڪستان سان آبي معاهدي تي فيصلو ڏيڻ جو اختيار ناهي: ڀارت

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي پرڏيهي وزارت چيو آهي ته عالمي ٽياڪڙي عدالت کي ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ موجود سنڌ طاس معاهدي (انڊس واٽرز ٽريٽي) بابت ڪو به قانوني فيصلو ڏيڻ جو اختيار حاصل ناهي.
عالمي ٽياڪڙي عدالت جي تازي فيصلي ۾ پاڪستان جي موقف جي حمايت ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ چيو ويو هو ته ڀارت کي پاڪستان ڏانهن وهندڙ اولهندي درياهن تي نون پن بجلي منصوبن جي ڊيزائن ۾ سنڌ طاس معاهدي جي مڪمل پاسداري ڪرڻي پوندي.
عالمي ٽياڪڙي عدالت جي ويب سائيٽ تي موجود فيصلي ۾ چيو ويو هو ته عام اصول اهو آهي ته ڀارت اولهندي درياهن جي پاڻي کي بنا روڪ ٽوڪ پاڪستان جي استعمال لاءِ وهڻ ڏئي.
پاڪستان ڀارت سان پاڻي جي سنڌ طاس معاهدي جي عام تشريح بابت عالمي ٽياڪڙي عدالت جي فيصلي جي آجيان ڪئي هئي.
خميس ڏينهن ڀارتي پرڏيهي وزارت چيو ته عالمي ٽياڪڙي عدالت کي ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ موجود معاهدي بابت ڪو به قانوني فيصلو ڏيڻ جو اختيار حاصل ناهي، ڇو ته ڀارت ڪڏهن به ان عدالت جي قانوني حيثيت کي تسليم ناهي ڪيو.
واضح رهي ته ڀارت ڪشمير جي علائقي پهلگام ۾ هڪ حملي کانپوءِ سنڌ طاس معاهدي کي معطل ڪيو هو.
پهلگام حملي کان پوءِ ڀارت پاڪستان کي ان واقعي جو ذميوار قرار ڏنو هو ۽ هن حملي کان پوءِ ڀارت سنڌ طاس معاهدي کي معطل ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.