رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي قيادت پاڪستان جي آزادي ڏهاڙي تي صدر آصف علي زرداري کي مبارڪباد پيش ڪئي آهي.
سعودي خابرو اداري موجب حرمين شريفين جي خادم شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان پاڪستاني صدر آصف علي زرداري کي ڌار ڌار مبارڪباد جا خط موڪليا.
شاهه سلمان بن عبدالعزيز پنهنجي خط ۾ آصف علي زرداري کي مبارڪباد ڏيندي سندس صحت ۽ سلامتي جي دعا ڪئي ۽ پاڪستاني حڪومت ۽ عوام لاءِ ترقي ۽ خوشحالي جي خواهش جو اظهار ڪيو.
هوڏانهن سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان به صدر آصف علي زرداري کي مبارڪباد جو پيغام موڪليو.
هن پاڪستان لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ پاڪستاني عوام ۽ حڪومت جي ترقي ۽ خوشحالي جي خواهش ظاهر ڪئي.
Prev Post
You might also like