ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سينيئر اداڪاره منزا عارف تازو پرڻيل جوڙن کي جلد ٻار ڄڻڻ جو مشورو ڏيندي چيو آهي ته وقت نه وڃايو ۽ جلد ٻار ڄڻين، ڇو ته عمر وڌڻ بعد اولاد ٿيڻ ۾ ڏکيائون پيش اچن ٿيون، جن بابت اڪثر نوجوان اڻ واقف آهن.
اداڪاره تازو نجي ٽي وي چئنل جي مارننگ شو ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن عورتن ۾ ٿيندڙ طبي مسئلن، ماهواري بند ٿيڻ جي قدرتي عمل (مينوپاز) کانپوءِ پيدا ٿيندڙ مونجهارن ۽ پرڻيل جوڙن جي روين تي ڳالهايو.
هن چيو ته سندس ڏاڏي ۽ ماءُ جي دور ۾ ماڻهن کي خالص خوراڪ ملندي هئي، جڏهن ته هاڻي خالص خوراڪ گهٽجي وئي آهي،
اداڪارا موجب، هوءَ به ننڍپڻ ۾ کير ۽ ٻي خالص خوراڪ کائڻ کان لنوائيندي هئي، پر ماءُ زوري کارائيندي هئي، جڏهنته نئين نسل جي خوراڪ ۾ وڏو فرق اچي ويو آهي.
منزا عارف چيو ته هاڻي نوجوان ڊرنڪس ۽ تيار ٿيل خوراڪ تي وڌيڪ ڀاڙين ٿا، جنهن ڪري طبي مسئلا وڌي رهيا آهن.
هن چيو ته طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪو ماڻهو 20 سالن جي عمر ۾ سٺي خوراڪ کائيندو، ان کي 40 سالن کانپوءِ ان جا فائدا ملندا، تنهنڪري سڀني کي پنهنجي صحت ۽ خوراڪ جو خاص خيال رکڻ گهرجي.
ماهواري بابت ڳالهائيندي هن چيو ته هي هڪ قدرتي عمل آهي، جنهن مان هر عورت کي گذرڻو پئي ٿو، تنهنڪري ان بابت پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي.
هن ٻڌايو ته ماهواري بند ٿيڻ کانپوءِ کيس ٿوري گهڻي ڏکيائي، ڊپريشن ۽ ڪجهه ننڍا مسئلا ٿيا، پر ڪا وڏي تڪليف يا خطرناڪ علامتون ظاهر نه ٿيون.
اداڪارا جو چوڻ هو ته ماهواري کانپوءِ هن پنهنجي خوراڪ ۽ طرزِ زندگي کي وڌيڪ بهتر بڻايو، جنهن سان کيس تمام گهڻو فائدو ٿيو.
وقت ۽ عمر جي اهميت تي زور ڏيندي هن پرڻيل جوڙن، خاص طور تي ڇوڪرين کي جلد ٻار ڄڻڻ جو صلاح ڏني.
سندس چوڻ هو ته ڇوڪريون ڪيريئر يا زندگي جا ماڻڻ جي چڪر ٻار ڄڻڻ دير ڪري ڇڏين، پر جڏهن هو فيصلو ڪن ٿيون ته گهڻي دير ٿي چڪي هوندي آهي ۽ کين حمل ۾ ڏکيائين منهن ڏسڻو پئي ٿو.
منزا عارف جو وڌيڪ چوڻ هو ته عمر وڌڻ کان اڳ ڇوڪرين کي ٻار ڄڻڻ گهرجن، ڇو ته وقت گذرڻ کانپوءِ پيدا ٿيندڙ ٻار صحتمند ناهن هوندا.
You might also like