وليمسن، ڪوهلي جي ٽيسٽ ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ کي ”حيران ڪندڙ فيصلو“ قرار ڏئي ڇڏيو

لنڊن (ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ سينيئر بيٽر ڪين وليمسن، ويرات ڪوهلي جي ٽيسٽ ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ تي تبصرو ڪندي ان کي ”حيران ڪندڙ فيصلو“ قرار ڏئي ڇڏيو.
هڪ بيان ۾ اڳوڻي ڪيوي ڪپتان چيو ته اها خبر ٻڌي هو دنگ رهجي ويو، ڇو ته هن ڪڏهن سوچيو به نه هو ته ويرات ڪوهلي ائين رٽائرمينٽ جو اعلان ڪندو.
سندس چوڻ هو ته اها هڪ حقيقت آهي ته هر رانديگر جي سفر ۾ هڪ ڏينهن پڄاڻي ايندي آهي ۽ ڪيريئر ختم ڪرڻو پوندو آهي.
هن چيو ته ”توهان ڪڏهن به ان بابت نٿا سوچيو، پر پوءِ اوچتو ڏسندا آهيو ته توهان جا مخالف يا دوست اهڙا فيصلا ڪري رهيا آهن ۽ توهان کي محسوس ٿيندو آهي ته گهڻو وقت گذري چڪو آهي ۽ توهان جي عمر وڌي رهي آهي.“
ڪين وليمسن جو چوڻ هو ته ويرات جهڙي رانديگر لاءِ جنهن پنهنجي طريقي سان فيصلو ڪيو، جنهن راند جي ميدان تي يادگار خدمتون انجام ڏنيون، اهو واقعي خاص لمحو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته سموري دنيا حيران هئي، ڇو ته سڀني محسوس ڪيو ته اڃا به هن ۾ ڪرڪيٽ باقي آهي، پر ائين ٿيندو آهي، مان ان حقيقت کان چڱيءَ طرح واقف آهيان ۽ اها سٺي ڳالهه آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.