ڪراچي: ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون جي فيڪٽري ۾ باهه لڳي وئي، عمارت ڊهي پٽ، ست ڄڻا زخمي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي لانڍي ۾ ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون جي هڪ فيڪٽري ۾ باهه لڳي وئي، جنهن سبب ڇهه ڄڻا زخمي ٿي پيا.
لانڍي جي ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون ۾ لڳل باهه کي چار کان پنج ڪلاڪ گذري ويا، پر اڃا تائين باهه تي مڪمل طور ظابطو نه آندو ويو آهي.
فائربريگيڊ اختيارين موجب، فيڪٽري مان ملازمن کي ڪڍو ويو آهي، عمارت ڊهي پٽ پئجي وئي آهي، جڏهن ته باهه سبب ڀرسان موجود ٻين فيڪٽرين کي به خالي ڪرايو ويو آهي.
ريسڪيو اختيارين جو چوڻ آهي ته عمارت ڪِرڻ سبب ويجهو موجود ست ڄڻا زخمي ٿيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
اختيارين موجب، باهه وسائڻ واري عمل ۾ 12 فائر ٽينڊر، 2 واٽر بائوزر ۽ 2 سنارڪل حصو وٺي رهيا آهن، جڏهن ته وڌيڪ فائر ٽينڊرن کي طلب ڪيو ويو آهي.
ٻئي پاسي وڏي وزير لانڍي ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون ۾ باهه واري واقعي جو نوٽيس ورتو آهي.
وڏي وزير فائربريگيڊ ۽ ريسڪيو ادارن کي ترت جوڳا قدم کڻڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته قيمتي انساني جانين جي تحفظ کي پهرين ترجيح ڏني وڃي.
وڏي وزير ڪمشنر کي واقعي جي مڪمل جاچ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته فيڪٽري مالڪن ۽ ورڪرن جي مڪمل مدد ڪئي وڃي.
وڏي وزير کي ڏنل بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته باهه لڳڻ وقت فيڪٽري ۾ ملازمن جو وڏو انگ موجود هو، ريسڪيو ٽيمون سمورن ماڻهن کي خيريت سان ٻاهر ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.