سلمان اڪرم راجا جو احتجاج ۾ ماڻهن جي عدم شرڪت تي عمران خان ۽ پارٽي سان ڳالهائڻ جو فيصلو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ اڳواڻ سلمان اڪرم راجا چيو آهي ته هو ڪالهوڪي احتجاج ۾ ماڻهن جي عدم شرڪت تي پارٽي ۾ ۽ عمران خان سان ڳالهائيندو.
اڊيالا جيل ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي سلمان اڪرم راجا چيو ته توشا خانا ٽو جو ٽرائل مڪمل طور تي غير آئيني ۽ غير قانوني آهي، سائفر ڪيس ۾ به فيملي، ميڊيا ۽ وڪيلن کي داخلا کان روڪيو ويو هو، هاءِ ڪورٽ جون واضح هدايتون آهن ته جيڪڏهن ميڊيا، وڪيلن ۽ فيملي کي داخلا نٿي ڏني وڃي ته اهو اوپن ٽرائل ناهي.
هن چيو ته ڪالهوڪي احتجاج ۾ ماڻهو ڇو نه پهتا، پارٽي ۾ ان معاملي تي ڳالهائيندس، احتجاج ان کان بهتر ٿي پئي سگهيو ۽ اڳتي ٿيندو، ماڻهو ڇو ته نڪتا، ان تي عمران خان سان مشاورت ڪندس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.