اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ رڪارڊن مٿان رڪارڊ، انڊيڪس هڪ لک 45 هزارن جي حد پار ڪري ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ رڪارڊن مٿان رڪارڊ ٺهڻ جو سلسلو جاري آهي، ڪاروباري هفتي جي ٽئين ڏينهن ڪاروبار دوران 100 انڊيڪس هڪ لک 45 هزارن جي نئين بلندي جو رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو.
حڪومت جو مالي خسارو گذريل 9 مهينن جي هيٺين سطح تي اچڻ کانپوءِ اربع ڏينهن اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ نئون رڪارڊ قائم ٿيو آهي، 100 انڊيڪس 2 هزار 51 پوائنٽون واڌ سان هڪ لک 45 هزار 88 پوائنٽن جي سطح تي پهچي ويو.
اربع جي صبح 10 لڳي 49 منٽن تائين 484 ڪمپنين جي شيئرز جو ڪاروبار ٿيو، 264 ڪمپنين جي شيئرز جي اگهن ۾ واڌ، 192 ڪمپنين جي شيئرز جي اگهن ۾ لاٿ ڏٺي وئي، جڏهن ته 28 ڪمپنين جا اگهه مستحڪم رهيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.