لياري سان واسطو رکندڙ فٽبالر ناروي ۾ غائب ٿي ويو

اوسلو (ويب ڊيسڪ) ناروي ڪپ دوران پاڪستان جي مسلم هينڊز ٽيم جو فٽبالر امان الله رئوف بلوچ اوسلو ۾ غائب ٿي ويو.
مسلم هينڊز فٽبال ٽيم جي ترجمان موجب، فٽبالر امان الله رئوف بلوچ جو تعلق ڪراچي جي علائقي ڪياري سان آهي، جيڪو ناروي ڪپ جي پهرئين ڏينهن ئي اوسلو ۾ غائب ٿي ويو هو.
ترجمان جو چوڻ آهي ته فٽبالر امان الله آجياڻي واري تقريب ۾ به نه آيو، جڏهن ته هاڻ مسلم هينڊز جي ٽيم وطن واپس پهچي وئي آهي.
ترجمان موجب، امان الله جو پاسپورٽ ناروي ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ جمع ڪرايو ويو آهي ۽ ناروي پوليس سميت پاڪستاني سفارتخاني کي سڄي صورتحال کان آگاهه ڪيو ويو آهي.
ياد رهي ته پاڪستاني ٽيم بيٽر فيوچر پاڪستان ناروي ڪپ ۾ انڊر 15 جو ٽائيٽل کٽيو هو.
ناروي ڪپ ۾ انڊر 15 ايونٽ ۾ شامل بيٽر فيوچر پاڪستان جي ٽيم لياريءَ جي رانديگرن تي ٻڌل هئي هئي، بيٽر فيوچر ٽيم سڄي ٽورنامينٽ ۾ ناقابل شڪست رهي ۽ هر ميچ ۾ مخالف کي آئوٽ ڪلاس ڪندي ٽرافي پنهنجي نالي ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.