اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو (نيب) ملڪ رياض جي بحريا ٽائون منصوبن سان لاڳاپيل ڇهه اهم واپاري ملڪيتن جي نيلامي لاءِ 7 آگسٽ 2025 جي تاريخ مقرر ڪئي آهي. انهن ملڪيتن ۾ اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ موجود ٻه ڪارپوريٽ آفيسون، هڪ عالمي اسڪول جي عمارت، سفاري ڪلب، شادي هال ۽ هڪ سينيما گهر شامل آهن. هي نيلامي اسلام آباد جي G-6/1 واري نيب آفيس ۾ ٿيندي، جتي هر ملڪيت جي شروعاتي ٻوليءَ لاءِ اگهه به مقرر ڪيو ويو آهي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ملڪ رياض ۽ بحريا ٽائون انتظاميا طرفان داخل ڪيل نيلامي روڪڻ واري درخواست کي رد ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ نيب اهو قدم کنيو. احتساب عدالت ملڪ رياض کي ٽي مختلف ڪيسن ۾ پيش نه ٿيڻ سبب اشتها ري قرار ڏنو هو. انهن ڪيسن ۾ عمران خان خلاف 190 ملين پائونڊن وارو ڪيس ۽ فيڪ بئنڪ اڪائونٽس وارو ڪيس پڻ شامل آهن، جن جي نتيجي ۾ انهن ملڪيتن جي نيلامي جو حڪم جاري ٿيو.
نيب طرفان جاري ڪيل اشتهارن موجب سينيما گهر جي شروعاتي ٻولي 1.10 ارب رپيا، اسڪول جي عمارت جي 1.07 ارب رپيا ۽ سفاري ڪلب جي 1.24 ارب رپيا مقرر ڪئي وئي آهي. نيلامي ۾ ڪامياب ٻولي ڏيندڙ کي نيلامي جي ڏينهن 5 سيڪڙو رقم جمع ڪرائڻ، هڪ مهيني اندر 10سيڪڙُ ۽ باقي 85سيڪڙو ٽن مهينن اندر ادا ڪرڻي پوندي. جيڪڏهن مقرر وقت تي رقم ادا نه ڪئي وئي ته زَرِ بيعانو ضبط ڪيو ويندو. سڀني ٽيڪسن، فيسن ۽ ٽرانسفر خرچن جي ذميواري به خريد ڪندڙ تي هوندي.
ملڪ رياض طرفان هن نيلامي بابت ڪا به تازي راءِ سامهون نه آئي آهي، پر هن سال جي شروعات ۾ هن هڪ بيان ۾ نيب جي الزامن کي بي بنياد قرار ڏيندي ان تي بليڪ ميلنگ جو الزام هنيو هو. هن چيو هو ته هو نه ڪنهن خلاف گواهي ڏيندو ۽ نه ئي ڪنهن سياسي دٻاءَ هيٺ ايندو. ملڪ رياض جو چوڻ هو ته هو قانون جي پاسداري ڪري ٿو ۽ سندس ملڪيتن بابت نيب جو بيان رڳو سياسي انتقام جو حصو آهي.