شڪاري جانورن جي خوراڪ لاءِ پالتو جانور عطيو ڪيو: چڙيا گهر جي عجيب اپيل

ڪوپن هيگن (ويب ڊيسڪ) ڊنمارڪ جي هڪ چڙيا گهر ماڻهن کي پنهنجا پاليل جانور عطيو ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي پر اها تفريح لاءِ نه ٻين جانورن جي خوراڪ لاءِ ڪئي وئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب ڊنمارڪ جي ڏاکڻي حصي ۾ موجود البورگ چڙيا گهر طرفان سوشل ميڊيا تي هڪ پوسٽ شيئر ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ ماڻهن کي چيو ويو آهي ته اهي پنهنجا پاليل ننڍا جانور جيئن سيهڙ، ڪڪڙيون ۽ ننڍا گهوڙا چڙيا گهر کي ڏين ته جيئن انهن کي وڏن جانورن کي کارائي خوراڪ جو فطري نظام برقرار رکيو وڃي.“
پوسٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ڪڪڙيون ۽ سيهڙ اسان جي وڏن ۽ شڪاري جانورن جي خوراڪ جو اهم حصو آهن.
انتظاميا پاران وضاحت ڪئي وئي آهي ته ان طريقيڪار ۾ ڪجهه به ضايع نه ٿيندو آهي ۽ اسان پنهنجي شڪاري جانورن جي فطري رويي، گهربل غذائيت جي فراهمي ۽ انهن جي ڀلائي کي يقيني بڻائي رهيا آهيون.
البورگ جي ويب سائيٽ تي پڻ ڄاڻايو ويو آهي ته ماڻهن پاران عطيو ڪيل جانورن کي ماهر عملي ذريعي آسان موت ڏنو ويندو آهي، جنهن کان پوءِ اهي شڪاري جانورن کي کارايا ويندا آهن.
چڙيا گهر ۾ وڏا وڏا شڪاري جانور رکيل آهن، جن ۾ آسٽريلوي شينهن، يورپي جهنگلي ٻليون، چيتا ۽ ٻيا جانور شامل آهن.
اها اپيل وڏي پيماني تي ماڻهن جي ڌيان جو مرڪز بڻجي وئي، جنهن کان پوءِ ان تي بحث ڇڙي ويو آهي.
انٽرنيٽ تي ٿيل بحث ۾ ڪجهه ماڻهن ان تجويز کي عجيب ۽ ظالماڻو قرار ڏنو آهي، جڏهن ته ڪي ماڻهو ان کي ساراهين ٿا ته انتظاميا جانورن جي خوراڪ جي قدرتي طريقي کي برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.