لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ فاسٽ بالرن کي انجرين کان بچائڻ لاءِ خاص پلان تيار ڪري ورتو.
نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي لاهور ۾ فاسٽ بالرن تي خاص ڪم جاري آهي، خاص طور تي مستقبل ۾ انجرين کان محفوظ رکڻ لاءِ ڪم تي فوڪس ڪيو پيو وڃي.
فاسٽ بالرن جي ايڪشن تي ڊائريڪٽر هاءِ پرفارمنس عاقب جاويد ڪم ڪري رهيو آهي، فاسٽ بالرن جي فٽنيس ۽ ڊائٽ پلان سان گڏ فيلڊنگ، بيٽنگ، بالنگ ۽ ٻين اسڪلز تي به ڪم ٿي رهيو آهي.
اڪيڊمي ۾ فاسٽ بالرن جي بالنگ ايڪشن تي ڪم ٿي رهيو آهي، ڇو ته ان جي ڪري بالر فٽنيس مسئلن جو شڪار ٿيندا آهن.
نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ عامر جمال ۽ حنين شاهه جي اسڪل ورڪ، جڏهن ته عاڪف جاويد جي بالنگ ايڪشن تي ڪم ٿي رهيو آهي، انڊر 19 جي باصلاحيت بيٽر شاهه زيب خان جي اسڪلز تي به ڪوچ ڌيان ڏئي رهيا آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وسيم جونيئر جون سموريون ٽيسٽون ڪليئر آيون آهن، هو مڪمل ٽريننگ ڪري رهيو آهي، وسيم جونيئر کي فٽنيس جي حوالي سان ڪو ايشو ناهي.
You might also like