ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪارا ۽ عاليا ڀٽ جي ماءُ سوني رازدان فلسطين ۾ جاري ظلمن خلاف هڪ جذباتي پوسٽ ۾ پنهنجو خانداني پس منظر به شيئر ڪيو آهي.
سوني رازدان انسٽاگرام تي لکيو ته سندس نانو، جيڪو جرمن شهري هو، هٽلر جي دور ۾ نازي حڪومت جي مخالفت ۾ ڳجهي اخبار هلائيندا هو، جنهن ڪري کيس سخت اذيتون ڀوڳڻيون پيون.
هن چيو ته قانوني مدد ذريعي سندس ناني کي ان شرط تحت آزاد ڪيو ويو ته هو وري جرمني واپس نه ورندو.
سوني موجب، سندس نانو اِهو قدم سموري خاندان لاءِ فخر جو ڪارڻ بڻيو.
سوني رازدان چيو ته ناانصافي وقت خاموشي اختيار ڪرڻ به هڪ ظلم آهي ۽ هن ماڻهن کي ڀيٽا پيش ڪئي جيڪي حق لاءِ آواز اٿارين ٿا، هن اميد ظاهر ڪئي ته دنيا جلد انصاف جي پاسي تي بيهندي.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته هڪ عالمي جنگ انصاف لاءِ وڙهي ويئي هئي ۽ مون کي فخر آهي ته منهنجي نانو صحيح پاسي بيٺل هو..
عاليا ڀٽ ان پوسٽ کي لائيڪ ڪري بنا ڪنهن رسمي بيان جي فسطين مسئلي جي حمايت ڪري ڇڏي آهي.
You might also like