صدر پاران سرفراز بگٽي کي بلوچستان جي عوام کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري سان بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي جي بلاول هائوس ڪراچي ۾ ملاقات ڪئي.
ملاقات دوران بلوچستان جي ترقي ۽ مجموعي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو

وڏي وزير سرفراز بگٽي، صدر زرداري کي صوبي ۾ امن امان جي صورتحال ۽ ترقياتي منصوبن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني.
ان موقعي تي صدر آصف علي زرداري، وڏي وزير کي صوبي ۾ امن امان جي صورتحال کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۽ بلوچستان جي عوام کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.