ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ سنگرار سکر مان چار سال اڳ اغوا ڪيل معصوم نياڻي جي بازيابي جي بدلي والد کي ھڪ ڪروڙ ڀنگ گھرڻ جي خبرن تي ڳڻتي جو اظھار ڪندي گھر ڪئي آھي تہ سنڌ حڪومت نياڻي جي جلد بازيابي، اقليتي برادري سميت عوام جي جان توڙي مال جي حفاظت لاءِ اثرائتا قدم کڻي. ھن چيو تہ مرادعلي شاھ حڪومت سنڌ ۾ امن توڙي عوام جي جان مال جي حفاظت ۾ ناڪام ثابت ٿي آھي عملي طور سنڌ تي ڌاڙيل راڄ جو قبضو آھي. سنڌ ۾ ڀنگ لاءِ ماڻھن کي اغوا ڪرڻ ھڪ منافعي بخش ڪاروبار بڻجي ويو آھي جنھن ۾ سسٽم ۾ شامل سڀني کي پنھنجو حصّو پتي ملي رھيو آھي.