ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت صوبي ۾ جعلي ڀاڻ ۽ زرعي خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
زراعت واري وزير سردار محمد بخش مهر ۽ سيڪريٽري زراعت محمد زمان ناريجو سان سنڌ جي اهم آبادگار اڳواڻن ملاقات ڪئي، جنهن دوران سنڌ سيڊ ايڪٽ لاڳو ڪرڻ، سرٽيفائيڊ ڪپهه جي قسمن، 3 جي ڀاڻ جي کوٽ، زرعي جنسن جي فراهمي جي مسئلن تي تفصيلي طور ڳالهيون ڪيون ويون.
ترجمان موجب جعلي زرعي شين خلاف روزاني بنيادن تي ڪارروائي جو حڪم جاري ڪيو ويو آهي، جڏهن ته هر ضلعي ۾ زرعي مانيٽرنگ ٽيمون فعال ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
سردار محمد بخش مهر چيو ته موسمياتي تبديلي ۽ پاڻي جي کوٽ زرعي شعبي تي ناڪاري اثر وجهي رهي آهي، جنهن لاءِ جديد زرعي طريقا اختيار ڪرڻ ضروري آهن.
You might also like