ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم اڳواڻ خواجا اظهار الحسن چيو آهي ته ڪراچي رهڻ جي نه، سهڻ جي جاءِ بڻجي ويو آهي.
پريس ڪانفرنس ڪندي خواجا اظهار الحسن چيو ته ڪراچي سان مسلسل زيادتي ٿي رهي آهي، شهر کي اجاڙيو ويو آهي، هاڻ هيءَ جاءِ رهڻ جي نه سهڻ جي بڻجي وئي آهي، ورلڊ بينڪ جو پيسو ڪٿي خرچ ٿي رهيو آهي ڪنهن کي خبر ناهي.
هن چيو ته ڪراچي گذريل سال وفاق کي هڪ هزار ارب رپين کان وڌيڪ ٽيڪس ڏنو پر هتي جيئڻ ۽ مرڻ جي سهولت به ناهي، تعليم تباهه، صحت جو سودو ٿي رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته بجلي جي بلن ۾ ڪراچي کي خاص طور ٽارگيٽ ڪيو ويو آهي، پ پ ڪي اليڪٽرڪ کي ڇوٽ ڏئي ڇڏي آهي.
You might also like