ٻن ڀائرن جي هڪ ڪنوار سان شادي، اصل حقيقت ڇا آهي؟

هندستان جي رياست هماچل پرديش جي ضلعي سرمور جي ڳوٺ شلائي ۾ ٿيل هڪ انوکي شادي سوشل ميڊيا تي بحث جو موضوع بڻي آهي، جتي سنيتا چوھان نالي عورت ٻن سڳن ڀائرن پرديپ نيگي ۽ ڪپل نيگي سان شادي ڪئي.

هي شادي هٽي برادري جي روايتي "جوڙي دارا” ريت تحت ٿي، جنهن جو مقصد خاندان کي متحد رکڻ ۽ زمين جي ورهاست کان بچڻ آهي.

اهڙيءَ ريت موجب عورت ٻن يا وڌيڪ ڀائرن سان گڏجي شادي ڪري ٿي ۽ سڀ گهوٽ پنهنجون ذميواريون گڏجي نڀائين ٿا جڏهن ته هڪ عورت به پنهنجون سڀ ذميواريون نڀائي ٿي.

سنيتا، جيڪا آءِ ٽي آءِ پڙهيل آهي، هن شادي کي پنهنجو مرضي جو فيصلو قرار ڏنو. پرديپ سرڪاري ملازم آهي ۽ ڪپل ٻاهرين ملڪ ڪم ڪري ٿو، اهو به هن رشتي لاءِ پرعزم آهي.

هٽي برادري ۾ هي رواج پراڻن وقتن کان هلندو پيو اچي، خاص طور تي سرمور، شملا ۽ ڪنور جي ڪنڌن وارن علائقن ۾. بهرحال، قانوني طور تي اهڙي شادي هندو ميريج ايڪٽ جي خلاف آهي، تنهن ڪري ان تي سماجي ۽ قانوني سطح تي تنقيد پڻ ٿي رهي آهي.

ٻئي پاسي، ڪجهه ماڻهن هن روايت کي ثقافتي ورثي جو حصو قرار ڏيندي ان جو دفاع ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.