پاڪستان سان جنگ ۾ اسان سمورا مقصد حاصل ڪيا هئا: ڀارتي بچاءَ وارو وزير

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي بچاءَ واري وزير راج ناٿ سنگهه چيو آهي ته پاڪستان سان تازي جنگ ڪنهن ٻاهرئين دٻاءَ جي بنياد تي ختم نه ڪئي وئي، مئي ۾ پاڪستان سان ويڙهه ۾ ڀارت پنهنجا سمورا مقصد حاصل ڪري ورتا هئا.
ڀارتي پارليامينٽ ۾ هڪ بحث دوران راج ناٿ سنگهه آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي دعوائن کي رد ڪندي چيو ته ڀارت اها عسڪري ڪارروائي ان ڪري روڪي، ڇو ته سياسي ۽ عسڪري سطح تي جيڪي هدف جنگ کان اڳ ۽ دوران طئي ڪيا ويا هئا، اهي مڪمل طور تي حاصل ڪيا ويا.
سندس موجب اهو چوڻ ته اها ڪارروائي ڪنهن دٻاءَ سبب روڪي وئي، بلڪل بي بنياد ۽ سراسر غلط آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.