آمريڪا فلسطيني رياست کي قبولڻ تي ناراض ، يونيسڪو کان ڌار ٿيڻ جو اعلان
واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا گڏيل قومن جي تعليمي، سائنسي ۽ ثقافتي اداري يونيسڪو کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن جو سبب فلسطين جي رياست کي تسليم ڪرڻ ۽ اسرائيل مخالف لاڙي کي قرار ڏنو ويو آهي.
آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ٽمي بروس چيو ته يونيسڪو سان ڪم جاري رکڻ آمريڪا جي قومي مفاد ۾ ناهي، ڇو ته تنظيم امتيازي پاليسين ۽ اهڙي نظرياتي ايجنڊا کي هٿي ڏئي ڏئي ٿي، جيڪا آمريڪا فرسٽ پاليسي سان ٽڪراءُ ۾ آهي.
ترجمان موجب، يونيسڪو طرفان فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ آمريڪي پاليسي جي خلاف آهي ۽ اهو اسرائيل مخالف جذبن پکيڙڻ جو هڪ ذريعو بڻجي چڪو آهي.
تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو
آمريڪا يونيسڪو جي ڊائريڪٽر جنرل آدري ازولي کي باضابطا طور تي پنهنجي فيصلي کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.
واضح رهي ته يونيسڪو 2011ع ۾ فلسطين کي ميمبر بڻايو هو، جنهن کانپوءِ آمريڪا اوباما انتظاميا دوران تنظيم جي 60 ملين ڊالرن جي امداد روڪي ڇڏي هئي، جڏهن ته هي ٻيو ڀيرو آهي جو ٽرمپ انتظاميا يونيسڪو کان ڌار ٿي رهي آهي.