ڪوالالمپور (ويب ڊيسڪ) ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم عالمي اڳواڻن تي زور ڏنو آهي ته غزا ۾ جاري قتل عام ۽ انساني بحران خلاف گڏيل آواز اٿارين.
انور ابراهيم چيو ته غزا الميو پوري انسانيت لاءِ امتحان آهي، جتي پورا خاندان ۽ ٻار مارجي رهيا آهن ۽ ماڻهو بک وگهي مري رهيا آهن.
هن چيو ته انساني زندگي ۽ وقار جي هن بي توقيري کي فوري ختم ٿيڻ گهرجي، ڇوته اها بنيادي اخلاقي اصولن جي ڀڃڪڙي آهي.
هن عالمي اڳواڻن ۽ حڪومتن کي اپيل ڪئي ته جيڪي عالمي قانون ۽ انساني قدرن تي يقين رکن ٿيون، اهي گڏيل قدم کڻن.
هن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تي به زور ڏنو ته اسرائيل تي دٻاءُ وجهي غزا ۾ قتل عام ۽ بمباري بند ڪرائي ۽ بنا رنڊڪ امداد پهچائڻ کي يقيني بڻائي.
انور ابراهيم چيو ته هي اخلاقي قيادت جو وقت آهي ۽ اسان کي انهن قدرن جو دفاع ڪرڻو آهي جن تي اسان يقين رکون ٿا، ملائيشيا سڀني قومن سان گڏجي غزا ۾ امداد ۽ انساني اصولن کي بحال ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو
هن وڌيڪ چيو ”اسان کي خاموش تماشائي نه رهڻ گهرجي، اچو ته پنهنجي ضمير جي رهنمائي سان درد جو جواب رحم سان ڏيون ۽ پنهنجي انسانيت لاءِ امن جي ڳولا ڪريون.“