پينسل چَئي شادي جو طعنو ڏيندڙ نوجوان ورهينَ کانپوءِ دوست هٿان قتل

ممبئي(ويب ڊيسڪ)ڀارتي رياست بهار ۾ هڪ افسوسناڪ ۽ حيران ڪندڙ واقعو پيش آيو آهي جتي هڪ نوجوان پنهنجي ننڍپڻ جي ويجهي دوست کي قتل ڪري ڇڏيو آهي.

نوجوان پنهنجي دوست کي رڳو ان ڳالهه تي قتل ڪيو ته هن ڪيترائي سال اڳ ننڍپڻ ۾ کيس ڀوڳ ۾ چيو هو ته ”پينسل، تَيري شادي ڪينسل“.

ڀارتي ميڊيا جي اطلاعن موجب ته نوجوان ننڍپڻ ۾ چيل پنهنجي دوست جي ان جملي کي وڏي عمر تائين دل تي ورتو هو، جڏهن نوجوان شادي جي ڪيترائي ڀيرا ڪوششن باوجود ناڪام ٿيو ته ذهني دٻاءَ ۽ شديد مايوسي جو شڪار بڻجي ويو.

اهڙي صورتحال ۾ جڏهن کيس دوست جو پراڻو چيل جملو ياد اچي ويو ته نوجوان تپي باهه ٿي ويو ۽ پنهنجي دوست تي حملو ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو.

نوجوان جي اهڙي حملي جو ڪنهن کي ڪو اندازو ئي نه هو ته هو ننڍپڻ ۾ ڪيل هڪ ڀوڳ کي ايترو سنجيدا وٺندو ۽ اهڙو قدم کڻندو، اهڙي واقعي علائق ۾ خوف واري صورتحال پيدا ڪري ڇڏي آهي.

جڏهن ته سوشل ميڊيا تي ان بابت شديد ردِ عمل سامهون آيو آهي، جتي چيو وڃي ٿو ته هڪ طنزيا جملو ايتري حد تائين خطرناڪ شڪل اختيار ڪري سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.