ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت پهرين آگسٽ کان آزادي جو جشن ملهائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو ۽ معرڪه حق ۽ آزادي ڏهاڙي جي پروگرامن کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي.
صوبائي وزيرن شرجيل ميمڻ ۽ سعيد غني صحافين سان گفتگو ڪندي چيو ته ڀارت کي شڪست ڏيڻ کانپوءِ پهرين 14 آگسٽ کي ڀرپور جوش ۽ جذبي سان ملهائينداسين، پهرين آگسٽ کان ئي آزادي جو جشن ملهايو ويندو، سول سوسائٽي ۽ سياسي جماعتون ڀرپور انداز ۾ آزادي جو جشن ملهائينديون.
ان کان اڳ وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ آزادي ڏهاڙي جي تيارين جي حوالي سان اجلاس ٿيو، وڏي وزير چيو ته پاڪستان ڀارت خلاف تاريخي فتح حاصل ڪئي، اسان هن سال ڀرپور طريقي سان آزادي جو جشن ملهائينداسين، معرڪه حق ۽ جشن آزادي جون تقريبون ٿينديون.
You might also like