يوٽيوب آمدني بابت پاليسي تبديل، ڪهڙا واهپيدار پئسا نه ڪمائي سگهندا؟

جڳ مشهور وڊيو شيئرنگ پليٽ فارم يوٽيوب مان سڄي دنيا جا ڪيترائي ماڻهو واڌو آمدني حاصل ڪندا آهن.
اربين ماڻهو هي وڊيو شيئرنگ پليٽ فارم استعمال ڪن ٿا ۽ اهو ئي سبب آهي جو تخليقي صلاحيت رکندڙ ماڻهن لاءِ هي پنهنجي قابليت ڏيکارڻ جي بهترين جاءِ آهي.
پر جيڪڏهن توهان يوٽيوب کي آمدني حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪريو ٿا ته هاڻ هڪ وڏي تبديلي لاءِ تيار ٿي وڃو.
يوٽيوب 15 جولاءِ کان مونيٽائيزيشن پاليسين ۾ اهم ڦيرڦار جو اعلان ڪيو ويو آهي.
نئين تبديليـن جو مقصد غير معياري مواد، هر هر پوسٽ ٿيندڙ وڊيوز ۽ هٿرادو ذهانت واري ٽيڪنالوجي (اي آءِ ) ذريعي تيار ڪيل وڊيوز مان آمدني حاصل ڪرڻ کي ناممڪن بڻائڻ آهي، جڏهن ته اصل ۽ تخليقي وڊيوز جي همٿ افزائي ڪئي ويندي.
يوٽيوب پارٽنر پروگرام (واءِ پي پي )کي 15 جولاءِ تي اپڊيٽ ڪري تفصيلي هدايتون جاري ڪيون وينديون، جن ۾ واضع ڪيو ويندو ته واهپيدار ڪهڙي قسم جي مواد مان آمدني حاصل ڪري سگهن ٿا ۽ ڪهڙي مواد مان نه.
في الحال نون قاعدن بابت تفصيل موجود نه آهن پر يوٽيوب جي هيلپ پئج تي واضع ڪيو ويو آهي ته وهپيدارن لاءِ هميشه اصل ۽ تصديق ٿيل مواد اپلوڊ ڪرڻ لازمي.
پئج تي وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته نئين پاليسين ذريعي واهپيدارن کي سمجهه ۾ ايندو ته ڪهڙو مواد هاڻ غير مستند هوندو.
ڪيترن ئي واهپيدارن کي خدشو آهي ته ان سان سندن مختلف قسمن جون وڊيوز، جهڙوڪ ري ايڪشن وڊيوز مان ٿيندڙ آمدني متاثر ٿي سگھي ٿي.
پر يوٽيوب جي عهديدار Rene Ritchie وضاحت ڪئي آهي ته ائين نه ٿيندو.
سندس چوڻ هو ته اهي تبديليون واءِ پي پي پاليسين ۾ ننڍيون اپڊيٽس آهن ۽ انهن جو مقصد رڳو غير معياري مواد جي نشاندهي ڪرڻ آهي.
هن چيو ته جيڪي وڊيوز آمدني جي اهل نه آهن، اهي اڳي ئي ورهين کان واءِ پي پي جي ظابطن پٽاندڙ مونيٽائيزشن لاءِ اهل نه آهن.
پر هن اهو واضح نه ڪيو ته هاڻ اهڙي قسم جون وڊيوز اي آءِ ٽيڪنالاجي جي مدد سان تمام آساني سان تيار ٿي سگهن ٿيون.
اي آءِ ٽيڪنالاجي جي ترقي جي نتيجي ۾ يوٽيوب تي اي آءِ ذريعي تيار ٿيل وڊيوز جو انگ وڌي رهي آهي ۽ يوٽيوب طرفان بنيادي طور تي غير معياري وارو ليبل اي آءِ وڊيوز لاءِ ئي استعمال ٿي رهيو آهي.
ان حوالي سان صورتحال 15 جولاءِ تي مڪمل طور تي واضع ٿي ويندي جڏهن نيون پاليسيون باضابطا طور تي جاري ڪيون وينديون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.