مسجد الحرام ۾ ڪعبت الله کي آب زم زم ۽ عرق گلاب سان غسل ڏيڻ جي روح پرور تقريب

رياض (ويب ڊيسڪ) مسجد الحرام ۾ ڪعبت الله کي غسل ڏيڻ جي تقريب ٿي، جنهن ۾ بيت الله جي اندروني ڀتين ۽ فرش کي غسل ڏنو ويو.
مسجد الحرام ۾ ڪعبت الله کي غسل ڏيڻ جي سالياني روح پرور تقريب ٿي، جنهن ۾ سعودي شاهي خاندان جي اهم فردن سميت ٻين اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي.
تقريب ۾ مڪي پاڪ جي گورنر سميت ٻيون اهم شخصيتون ۽ پرڏيهي سفير پڻ شريڪ ٿيا.
ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن 40 ليٽر آب زم زم ۽ عرق گلاب سان بيت الله جي اندروني ڀتين ۽ فرش کي غسل ڏنو ۽ نفل ادا ڪيا، جڏهن ته زائرين جي وڏي انگ اهو منظر ڏٺو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.