هڪ نئين تحقيق موجب تيار ڪيل جين ٿرائي جي هڪ سوئي ماڻهن ۾ گهٽ ٿيندڙ ٻڌڻ واري صلاحيت کي هفتن ۾ ئي بحال ڪري سگهي ٿي.
سوئيڊن جي ڪيرولنسڪا انسٽيٽيوٽ سان تعلق رکندڙ ماهرن ٻڌايو آهي ان جديد ٿراپي ٻارن ۽ وڏن ۾ پيدائشي طور تي ٻڌڻ جي صلاحيت کان محرومي يا گهٽ ٻڌڻ واري صلاحيت کي بهتر ڪيو آهي. طبي ٽرائل ۾ ست سالن جي ٻار جي ٻڌڻ واري صلاحيت مڪمل طور تي بحال ٿي وئي.
جرنل نيچر ميڊيسن ۾ ڇپيل تحقيق ۾ پيش ڪيل ڪيلنيڪل ٽرائل ۾ ٻڌايو ويو آهي ته او ٽي او ايف جين جي صحتمند نَقُل کي ڪن جي اندرين حصي ۾ سوئي سان داخل ڪرڻ سان سڀني 10 ماڻهن جي ٻڌڻ ۾ بهتري آئي.
ننڍي پيماني تي ڪيل ان تجربي ۾ اهڙا ماڻهو شامل هئا جيڪي او ٽِ او ايف نالي جين ۾ ڦيرڦار جي ڪري جينياتي قسم جي ٻوڙائپ يا تمام گهٽ ٻڌڻ واري صلاحيت جو شڪار هئا.
اهڙي ڦيرڦار پروٽين اوٽوفرلن ۾ گهٽتائي جي ڪري ٿيندي آهي جيڪو آواز جا سگنل ڪن کان دماغ تائين کڻي وڃڻ ۾ اهم ڪردار ڪندو آهي.