ڪينبرا (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا ۾ هڪ شخص چمڙي جي چڪڻ کانپوءِ موتمار وائرس (Australian Bat Lyssavirus) جو شڪار ٿي فوت ٿي ويو، جنهن کان پوءِ سڄي آسٽريليا ۾ خوف پکڙجي ويو آهي.
آسٽريليا جي صحت ماهرن مطابق چمڙي جي چڪ کانپوءِ ٿيندڙ اها بيماري ريبيز سان تمام گهڻي مشابهت رکي ٿي ۽ هن وقت ان جو ڪو به اثرائتو علاج موجود ناهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب آسٽريليا جي رياست نيو ساوٿ ويلز جي صحت کاتي ٻڌايو ته فوت ٿيل شخص جي عمر 50 سال هئي، ڪجهه مهينا اڳ کيس هڪ چمڙي چڪ پاتو هو، جنهن کان پوءِ هو ان وائرس ۾ وٺجي ويو.
مريض کي تازو انتهائي ڳڻتيءَ واري حالت ۾ اسپتال آندو ويو، جتي هو نه بچي سگهيو.
صحت کاتي مطابق آسٽريلين بيٽ لائسا وائرس انسانن ۾ تمام ناياب آهي پر جڏهن به ڪو ان جو شڪار ٿيو آهي ته اها بيماري هميشه موتمار ثابت ٿي آهي.
1996ع ۾ ان وائرس جي سڃاڻپ ٿيڻ کان وٺي اڄ تائين انسانن ۾ رڳو 3 ڪيس سامهون آيا آهن ۽ انهن ٽنهي صورتن ۾ مريض فوت ٿي ويا.
هي وائرس عام طور تي چمڙي جي گِگَ ذريعي انسان جي جسم ۾ داخل ٿئي ٿو، خاص ڪري جڏهن چمڙو چڪ پائي يا رَهنڊ ڏئي.
ان بيماري جون شروعاتي علامتون عام زڪام جهڙيون ٿين ٿيون، جيئن مٿي ۾ سور، بخار ۽ جسماني ڪمزوري پر پوءِ اهي علامتون اڌ رنگ، ذهني خلل، جهٽڪن ۽ موت تائين وٺي وڃن ٿيون.
نيو ساوٿ ويلز جي صحت کاتي خبردار ڪيو آهي ته آسٽريليا سميت ڪجهه ٻين ملڪن ۾ موجود مختلف قسمن جا چمڙا ان وائرس جو ڪارڻ بڻجي سگهن ٿا، تنهنڪري شهري چمڙن کان پاسو ڪن.
صحت جي ماهرن مطابق جيڪڏهن ڪنهن شخص کي چمڙو چَڪي يا رهنڊ ڏئي ته کيس گهرجي ته زخم کي گهٽ ۾ گهٽ 15 منٽ تائين صابڻ ۽ پاڻي سان ڌوئي، پوءِ ان تي جراثيم مار دوا لڳائي ۽ فوري طور تي مريض کي ريبيز جي ويڪسين ۽ ايميونوگلوبولين فراهم ڪئي وڃي.
You might also like