ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي سيشن عدالت آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تي ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي.
عدالت حڪم جاري ڪيو ته درخواست ٻڌڻي جوڳي ناهي، جنهن کانپوءِ درخواست شروعاتي ٻڌڻي تي ئي خارج ڪئي وئي.
سيشن ڪورٽ جو چوڻ آهي ته ويانا ڪنوينشن 1961 تحت رياست جي سربراهه کي ڇوٽ حاصل آهي.
سرڪاري وڪيل چيو ته بم ايران تي ڪِريو ۽ درخواستگذار پاڪستان ۾ ڪيس داخل ڪرائڻ چاهي ٿو، درخواست بدنيتي جي بنياد تي سستي شهرت لاءِ داخل ڪئي وئي آهي.
درخواستگذار جي وڪيل چيو ته ثابت ڪري چڪا آهيون ته درخواست ٻڌڻي جوڳي آهي، ڪيس جا سيڪشن به ٻڌائي ڇڏيا، لکين پاڪستاني ٽرمپ جي قدم سان متاثر ٿيا، اسان گرفتاري نٿا چاهيون، رڳو ڪيس داخل ڪيو وڃي.
سيشن عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ ٽرمپ تي ڪيس جي درخواست رد ڪري ڇڏي.
You might also like