ڪنگنسٽن (ويب ڊيسڪ) آسٽرلوي ليجنڊري اسپنر نيٿن ليون ٽيم جي ”سانگ ماسٽر“ واري ذميواري تان رٽائر ٿيندي ۽ نئين جانشين جي به نشاندهي ڪري ڇڏي آهي.
نيٿن ليون آسٽريليا جي ٽيم ۾ وڪٽري سونگ( فتح جو گيت) جي اڳواڻي ڪندو هو، پر هاڻي هن ٽيسٽ ڪرڪيٽ ٽيم ۾ جشن جي قيادت جي ذميواري ڇڏي ڏني آهي.
واضح رهي ته ميچ کٽڻ کانپوءِ آسٽريلوي ٽيم جو روايتي جشن ٿيندو آهي، جنهن جي اڳواڻي نيٿن ليون ڪندو هو، هاڻ هن اِها ذميواري وڪيٽ ڪيپر ايلڪس ڪيري کي سونپي ڇڏي آهي، جڏهن ته نيٿن ليون جو ٽيسٽ ڪرڪيٽ مان رٽائرمينٽ جو ڪو ارادو ناهي.
ان ڏس ۾ نيٿن ليون جو چوڻ هو ته ٽيم جو گيت ۽ جشن جي اڳواڻي ڪرڻ مون لاءِ اعزاز جي ڳالهه هئي، پر ذميواري تان هٿ کڻڻ جو مطلب اهو ناهي ته مان ڪرڪيٽ تان رٽائر ٿي رهيو آهيان.
هن چيو ته هو سمجهي ٿو ته ايلڪس ڪيئي بهترين اميدوار آهي، ارادو هو ته جيڪڏهن آسٽريليا ورلڊ ٽيسٽ چيمپئن شپ کٽي ها ته اها ذميواري ڪنهن ٻئي کي ڏيان ها، پر هاڻي ويسٽ انڊيز سيريز ۾ اِهو فيصلو ڪيو ويو آهي.
نيٿن ليون موجب، ” مان سدائين چيو آهي ته مان ڀارت ۽ انگلينڊ ۾ ميچون کٽڻ چاهيان ٿو ۽ هڪ وڌيڪ ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ کيڏڻ جو ارادو آهي.“
ياد رهي ته نيٿن ليون 138 ٽيسٽ ميچن ۾ آسٽريليا جي نمائندگي ڪري چڪو آهي ۽ گذريل 12 سالن کان وڪٽري سونگ ماسٽر جي حيثيت سان ٽيم ۾ جشن جي اڳواڻي ڪندو رهيو آهي.
نيٿن ليون اها ذميواري مائيڪ هسي کان ورتي هئي، جنهن 67 ٽيسٽ ميچن ۾ليڊ ڪيو هو.