فاسٽ اينڊ فيوريس ۾ مرحوم پال واڪر جي واپسي جو امڪان

لاس اينجلس(ويب ڊيسڪ) فاسٽ اينڊ فيوريس فلم سيريز ذريعي شهرت ماڻيندڙ هالي ووڊ اداڪار پال واڪر، جيڪو 30 نومبر 2013ع تي هڪ ڪار حادثي ۾ 40 ورهين جي عمر ۾ وفات ڪري ويو هو، ممڪن آهي ته سيريز جي آخري فلم ۾ ٻيهر نظر اچي.
اهڙو امڪان فلم جي مرڪزي اداڪار ۽ پروڊيوسر وين ڊيزل ظاهر ڪيو آهي.
وين ڊيزل تازو هڪ فيسٽيول ۾ مداحن سان ڳالهائيندي فاسٽ اينڊ فيوريس 11 بابت تفصيلي ويچار ونڊيا.
وين ڊيزل ٻڌايو ته فلم کي اپريل 2027ع ۾ رليز ڪرڻ جو ارادو آهي.
پال واڪر جي واپسي بابت ڳالهائيندي هن چيو ته اسٽوڊيو انتظاميا کائنس پڇيو ته ڇا آخري فلم اپريل 2027ع ۾ رليز ڪري سگهون ٿا؟ اداڪارا موجب، ” مون جواب ڏنو ته ائين ٽن شرطن تي ممڪن آهي: پهريون ته فرنچائز کي واپس لاس اينجلس ۾ آندو وڃي، ٻيو ته اسٽريٽ ريسنگ کي ٻيهر فلم جو حصو بڻايو وڃي۽ ٽيون ته ڊوم ۽ برائن ڪونر کي ٻيهر اسڪرين تي گڏ آندو وڃي.“
واضح رهي ته برائن او ڪونر جو ڪردار پال واڪر ادا ڪيو هو ۽ في الحال واضح ناهي ته سندس واپسي لاءِ هٿرادو ذهانت واري ٽيڪنالوجي (اي آءِ ) جي مدد ورتي ويندي يا پراڻي فوٽيج جو استعمال ڪيو ويندو.
واضح رهي ته فاسٽ اينڊ فيوريس سيون جي شوٽنگ دوران پال واڪر جي موت کانپوءِ فلم عارضي طور روڪيو ويو هو، جنهن کانپوءِ سندس ڀائرن جي مدد سان فلم جا باقي سين مڪمل ڪرايا ويا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.