ڪراچي (ويب ڊيسڪ) فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو آهي ته پاڪستان جي ترقي لاءِ عوام، حڪومت ۽ فوج جي وچ ۾ مضبوط رابطو اڻٽر آهي، پاڪستان پنهنجي خودمختياري تي ڪنهن به قسم جي سوديبازي نه ڪندو ۽ هر قيمت تي ملڪ جو دفاع ڪيو ويندو.
ڪراچي ۾ پاڪستان نيوي جي 123هين مڊ شپ مين ۽ 31هين شارٽ سروس ڪميشن جي پاسنگ آئوٽ پريڊ کي خطاب ڪندي فيلڊ مارشل نون آفيسرن کي مبارڪباد ڏني.
ان موقعي تي هن چيو ته ڀارت پنهنجي فوجي طاقت، قوم پرستي ۽ جعلي اسٽريٽجڪ اهميت ذريعي سياسي مقصد حاصل ڪرڻ چاهي ٿو، پر پاڪستان هميشه امن کي ترجيح ڏني آهي.
هن چيو ته پاڪستان دشمن جي رويي باوجود صبر ۽ ذميواري جو مظاهرو ڪيو، انڪري خطي ۾ پاڪستان کي ”نيٽ ريجنل اسٽيبلائيزر“ سڏيو وڃي ٿو.
فيلڊ مارشل موجب، جيڪڏهن دشمن سمجهي ٿو ته پاڪستان پنهنجي خودمختياري تي حملو برداشت ڪندو، ته اها هڪ خطرناڪ غلطي هوندي، اهڙي ڪنهن به قدم جي ذميواري دشمن تي هوندي.
هن واضع ڪيو ته پاڪستان پنهنجي مفادن جو هر حال ۾ تحفظ ڪندو.
ڪشمير بابت ڳالهائيندي هن چيو ته ڪشمير مسئلي جي حل کانسواءِ خطي ۾ پائيدار امن ممڪن ناهي. پاڪستان، ڪشميرين جي حق خوداراديت جي حمايت جاري رکندو ۽ ڀارت، پنهنجي ناڪاميءَ کي ڪڏهن وساري نه سگهندو.
فيلڊ مارشل عاصم منير چيو ته پاڪستان جو قومي جذبو هر آزمائش کانپوءِ وڌيڪ مضبوط ٿيو آهي ۽ ملڪ دهشتگردي خلاف جنگ کي انجام تائين پهچائڻ لاءِ پرعزم آهي.
هن وڌيڪ چيو ته سامونڊي خطرن ۾ واڌ ٿي رهي آهي، انلاءِ پاڪ نيوي کي هر حوالي سان تيار رهڻ جي گهرجي ته جيئن ملڪ جي سلامتي يقيني بڻائي سگهجي.