عاصم منير ڀارت سان جنگبندي ۾ انتهائي اثرائتو ڪردار نڀايو: ڊونلڊ ٽرمپ

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ فيلڊ مارشل عاصم منير جي حوالي سان چيو آهي ته هن ڀارت سان جنگبندي ۾ انتهائي اثرائتو ڪردار ادا ڪيو.
آمريڪي صدر اڄ فيلڊ مارشل عاصم منير سان ملاقات ڪرڻ وارو آهي، آمريڪي انتظاميا طرفان جاري ڪيل شيڊيول موجب وائيٽ هائوس جي ڪيبنٽ روم ۾ لنچ جي وقت ڊونلڊ ٽرمپ ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير جي ملاقات ٿيندي.
وائيٽ هائوس ۾ فيلڊ مارشل عاصم منير سان ملاقات جي حوالي سان هڪ سوال تي صدر ٽرمپ چيو ته مان پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ جنگ روڪرائي، مان پاڪستان سان محبت ڪيان ٿو، منهنجي خيال ۾ مودي هڪ شاندار انسان آهي.
هن چيو ته پاڪستان طرفان فيلڊ مارشل عاصم منير جنگبندي لاءِ انتهائي اثرائتو ڪردار ادا ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.