اسرائيل جا هڪ ڀيرو ٻيهر ايران جي جوهري ٿاڪن تي حملا

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي سرڪاري ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته گذريل ڪجهه ڪلاڪن دوران اسرائيل هڪ ڀيرو ٻيهر نطنز شهر ۾ اهم جوهري ٿاڪن تي حملو ڪيو آهي.
ٻئي پاسي اسرائيلي اختيارين دعويٰ ڪئي آهي ته انهن پاسداران انقلاب جي ايئرو اسپيس ڪمانڊ جي وڏي حصي کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي.
اسرائيلي عملدارن جو چوڻ آهي ته انهن جا حملا جاري رهندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.